Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye
اچي ويو، اهو ڀلائيءَ جو دروازو آهي، هاڻي اسان کي گهرجي ته ڊوڙِي وڃي ان دروازي ۾ داخِل ٿي وڃون، يعني فوراً پهريان نيڪي ڪري وٺون، ڪجهه دير کان پوءِ، سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن جو انتظار نه ڪيون ڪهڙي خبر! ڪهڙي وقت اها توفيق واپس ورتي وڃي.
اسان وٽ هي به هڪ اهم معاملو آهي ته اسان دنيا جي ڪمن کي آخرت جي ڪمن تي ترجيح ڏيندا آهيون. جيڪڏهن ان جي ابتڙ ڪيون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا به سڌري ويندي ۽ آخرت به سنورجي ويندي. حديث پاڪ ۾ آهي: اطمينان هر شيءِ ۾ آهي، سَواءِ آخرت جي ڪمن جي. ([1])
يعني دُنياوي ڪم ۾ دير ڪرڻ بهتر آهي، ڇو ته ممڪن آهي ته اهو ڪم خراب هجي ۽ دير ڪرڻ سان ان جي خرابي معلوم ٿي وڃي ۽ اسان ان کان باز رهون پر آخرت جو ڪم ته هميشه بهتري ۽ فائدي وارو آهي ان کي موقعو (Chance) ملندي ئي ڪري ڇڏيو، ڇو ته دير ڪرڻ سان شايد اهو موقعو هٿان نڪري وڃي.
الله پاڪ فرمائي ٿو:
فَاسْتَبِقُوا الْخَیْرٰتِﳳ- (پارہ:2، سورۂ بقرہ:148)
ترجموڪنزالعرفان: ته توهان نيڪين ۾ اڳڀرا ٿي وڃو
شيطان نيڪيءَ جي ڪمن ۾ دير ڪرائي آخر ۾ انهن کان دور ڪري ڇڏيندو آهي۔([2])