Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye
ماڻهون شريڪ ٿيا۔ ([1])
اچو! امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ خوبصورت نصيحت ٻڌون ٿا :
هڪ ڀيري امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ جنازي ۾ شريڪ ٿيا، ميّت کي دفن ڪرڻ کان پوءِ پاڻ هڪ شخص کي فرمايائون: توهان جو ڇا خيال آهي؛ هي شخص (جنهن کي اسان هاڻي دفن ڪيو آهي)، ڇا هي * دنيا ۾ واپس اچڻ * وڌِ کان وڌِ نيڪ عمل ڪرڻ * ۽ پنهنجي گناهن کان توبهه ڪرڻ جي خواهش نه رکندو هوندو؟ان شخص جواب ڏنو: ها! ضرور، هي اهڙي خواهش رکندو هوندو. امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو : پوءِ اسان جو ڇا حال آهي؟ اسان هن ميّت (Dead Body) وانگر ڇو نه ٿا بڻجي وڃون؟ (يعني اسان وٽ اڃان مهلت آهي، اسان دنيا ۾ موجود آهيون، پوءِ اسان نيڪين ڏانهن ڇو نه ٿا وڌون ۽ گناهن کان توبه ڇو نه ٿا ڪيون؟) اهو فرمائي امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهروانا ٿي ويا، ۽ فرمائيندا پئي ويا: جيڪڏهن دل زندهه هجي ته هنن جنازن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي نصيحت ٿي سگهي ٿي.....!!([2])
وہ ہے عیش و عشرت کا کوئی محل بھی جہاں تاک میں ہر گھڑی ہو اَجَل بھی
بس اب اپنے اِس جہل سے تُو نکل بھی یہ جینے کا انداز اپنا بدل بھی
جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد