Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

عملن جو جائزو ورتو ۽ پنهنجن گناهن تي ڪجهه ڳوڙها ڳاڙيا. ايترو چئي پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هيءَ آيت مبارڪ تلاوت فرمائي:

اِنَّمَا نَعُدُّ لَهُمْ عَدًّاۚ(۸۴) (پارہ:16، سورۂ مریم:84)

ترجمو ڪنزالعرفان : اسان ته انهن جي لاءِ ڳڻپ ڪري رهيا آهيون.

هن مان مراد ساهه آهي ۽ آخري اَنگ ساهه جو نڪرڻ آهي. پوءِ گهر وارن کان جدائي آهي ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ جي آخري گهڙي آهي. ([1])

  دِلَا  غافل   نہ  ہو  یکدم   یہ  دنیا  چھوڑ  جانا  ہے                                    باغیچے   چھوڑ   کر   خالی   زمیں   اندر   سمانا   ہے

ترا   نازک   بدن   بھائی  جو   لیٹے  سیج پھولوں  پر                                   ہو گا اک دن بے  جان اسے کیڑوں نے کھانا  ہے

جہاں کے شُغل میں شاغل خدا کے ذکر سے غافل         کرے   دعویٰ  کہ   یہ  دنیا   ترا   دائم  ٹھکانہ   ہے

غلامؔ اِک  دم  نہ کر  غفلت   حیاتی   پر نہ  ہو  غُرّہ                            خدا کی یاد  کر   ہر   دم  کہ   جس   نے  کام آنا ہے

توکي ظاهري حسن ڌوڪي ۾ وڌو

مسلمانن جا پهريان خليفا حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ پنهنجي خطبي ۾ ارشاد فرمائيندا هئا: * ڪٿي آهن اهي خوبصورت چهرن وارا جيڪي پنهنجين جَوانين تي ناز ڪندا هئا؟ * ڪٿي آهن اهي بادشاهه، جن شَهر وَسايا ۽ مضبوط ديوارن جي ذريعي انهن کي محفوظ ڪيو؟ * ڪٿي آهن اهي سپه سالار (Commander)، جيڪي جنگ جي ميدانن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪندا هئا! وقت انهن کي زمين جي حوالي ڪري چڪو آهي، اهي هاڻي قبر جي تنگ ۽ تاريڪ ڪوٺڙي ۾ پيا آهن، جلدي ڪيو! جلدي ڪيو! پوءِ نجات آهي، پوءِ نجات آهي۔ ([2])


 

 



[1]... احیاء العلوم، کتاب ذکر الموت ومابعدہ، الباب الثانی فی طول الامل...الخ، جلد:4، صفحہ:557۔

[2]... احیاء العلوم، کتاب ذکر الموت ومابعدہ، الباب الثانی فی طول الامل...الخ، جلد:4، صفحہ:552۔