Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

جواني ۽ پيري ٻنهي ۾ شاهوڪاري عطا ڪئي ويندي آهي.([1]) 

سُبْحٰنَ الله! خبر پئي ته جيڪڏهن اسان دُنياوي ڪمن کي ترجيح ڏيڻ جي بدران آخرت جي ڪمن کي ترجيح ڏيون، دُنيا سنوارڻ جي بجاءِ آخرت کي سنوارڻ جي فڪر ۾ لڳي وڃون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دُنيا به سنورجي ويندي ۽ آخرت به سنورجي ويندي.

نيڪ ڪم پهريان ڪيو

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ هي به ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته جيڪي ماڻهو نيڪ عمل ڪندا آهن، اهي به نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ دير ڪندا آهن جيئن * ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي نماز باقاعدگي سان پڙهندا آهن، پر نماز لاءِ وڃڻ ۾ دير ڪندا آهن، جڏهن جماعت ٿي ويندي آهي، تڏهن مسجد ۾ پهچندا آهن * ڪيترائي جمعو پڙهڻ وارا اهڙا آهن، جيڪي خطبي جي وقت، بلڪه ڪجهه ته خطبي جي دوران مسجد ۾ پهچندا آهن * اهڙي ئي طرح ديني اجتماعن ۾ شرڪت جو معاملو آهي، مثال طور ڪيترائي اسلامي ڀائر دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀريي اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت ڪندا آهن، پر وقت تي نه ايندا آهن، دير سان ايندا آهن. 

نه ڄاڻ ڇا معاملو آهي اسان کي نيڪي ڪرڻي آهي ته جلدي ڪري ڇڏيون       * نماز پڙهڻي ئي پڙهڻي آهي، فرض آهي 10 منٽ پهريان اٿون، جلدي مسجد ۾ پهچي وڃون، آرام سان تسلي سان سنتِ قبليه ادا ڪيون، ٻه چار منٽ جماعت جي انتظار ۾ ويهڻو پئجي وڃي ته اها به سعادت آهي، پوءِ بهتر انداز ۾ نماز ادا ڪيون * جمعو ته پڙهڻو ئي آهي، فرض آهي، جلدي مسجد ۾ اچي وڃون، خطيب صاحب جو بيان به ٻڌون، پوءِ اطمينان سان خطبو ٻڌون، سڪون سان


 

 



[1]...  نوادر القلیوبی، الحکایۃ الخامسۃ عشرۃ بعد المائۃ، صفھہ:85-86 ملخصاً