Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye

رجب جي مهيني جون ڪجهه عبادتون

 اي عاشقانِ رسول ! رجب حرمت وارو مهينو آهي، ان ۾ خوب عبادت ڪيو !

 * صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم رَجَبُ المُرجب ۾ عمرو ڪرڻ پسند ڪندا هئا. ([1])  تنهنڪري جنهن کان ٿي سگهي عمرو ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري. ڪاش! زهي نصيب جو الله پاڪ جو مهينو (يعني رجب شريف) الله پاڪ جي پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ شهر  مديني منوره ۾ گذارڻ نصيب ٿي وڃي * بزرگن (يعني الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن) جو معمول رهيو آهي ته رجب المُرجب ۾ وفات ڪري وڃڻ وارن مسلمانن کي ڪثرت سان ايصالِ ثواب ڪندا هئا، ايصالِ ثواب 12 ئي مهينا ڪري سگهجي ٿو، پر      رجب المُرجب ۾ ان جو خاص اهتمام ڪيو ويندو آهي. خاص طور تي رجب المُرجب ۾ امام جعفر صادق رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي ايصالِ ثواب لاءِ ڪونڊن جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، اڪثر ڪري ماڻهو 22 رجب تي ڪونڊن جو ختمو ڏيندا آهن، اهو به جائز آهي، پر اصل ۾ ڪونڊن جو ختمو 15 رجب تي بڻجي ٿو ڇو ته امام جعفر صادق رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي وصال جي حوالي سان 15 رجب جو قول آيو آهي * اهڙي طرح، رجب المُرجب جي 22 تاريخ تي صحابي ابن صحابي، ڪاتبِ وحي، حضرت امير معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جو عرس پاڪ ٿيندو آهي. حضرت امير معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جون برڪتون حاصل ڪرڻ لاءِ ان ڏينهن به ايصال ثواب جو ڀرپور اهتمام ڪيو! Top of Form

Bottom of Form

 

جيڪو گهرندين اهو عطا ڪيو  ويندو

عارف باللہ شيخ ضياءُ الدين دَيرِيني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: روايتن ۾ آهي ته :     * جنهن رجب جا 7 روزا رکيا، ان جي لاءِ جهنم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن * جنهن رجب شريف جا 10 روزا رکيا، اهو الله پاڪ کان جيڪو گهرندو آهي


 

 



[1]...لطائِفُ المعارف، صفحہ:169۔