Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
وضاحت: هن شعر ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تَوَجُّھ ڏياريو آهي ته! ٿورو ڏسو ته سهي، معراج جي رات جڏهن جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ پيرن کي چمي ڏئي رهيا هئا، ان وقت حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام جو مٿو جھڪيو هو ته گڏوگڏ عمامي جو نُوراني تاج به جھڪي ويو هو، لهٰذا مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ پيرن کي صِرْف حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام ئي چمي نه رهيا هئا، بلڪ حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام جي عمامي جو تاج پڻ قَدَمَينِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سامهون جھڪي رهيو هو۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
بُراق تي نوازشِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
پيارا اسلامي ڀائرو! معراج جي رات اهڙي ئي نوازش بُراق تي پڻ ٿي، جنّت ۾ هزارين بُراق هئا، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُواري بڻجڻ جو شرف ماڻڻ جي لاءِ اُنهن مان هڪ براق جي چونڊ ٿي، روايتن ۾ آهي جڏهن معراج واري مصطفيٰ، امامُ الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بُراق تي سُوار ٿيڻ لڳا ته بُراق ٽِپا ڏيڻ شروع ڪيا، عالم سڳورا فرمائن ٿا: ان وقت بُراق پنهنجي نصيب تي ناز ڪري رهيو هو ته واه! منهنجو نصيب...! اڄ امامُ الانبيا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُواري بڻجڻ جو شَرْف مِلي ويو آهي، ان خوشي ۾ بُراق تي وَجد طاري ٿي ويو ۽ ان ٽِپا ڏيڻ شروع ڪيا۔([1])
مرحبا! مرحبا! صاحبِ معراج رحمتِ کبریا صاحبِ معراج
لطفِ حق ہو گیا صاحبِ معراج شاہِ ہر دو سرا صاحبِ معراج
تم کو معراج کا صاحبِ معراج حق سے مژدہ ملا صاحبِ معراج
رہبر و رہنما صاحبِ معراج نیک دیجئے بنا صاحبِ معراج