Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
پاسي، ڪڏهن ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ ٻه شِمله هوندا هئا * کاٻي پاسي شِملو لٽڪائڻ خلاف سنت آهي * عمامي جي شِملي جو مقدار گھٽ مان گھٽ چار آڱر * ۽ وڌ مان وڌ (اڌ پٺي تائين يعني تقريباً) هڪ هٿ (وچين آڱر جي چوٽي کان ٺونٺ تائين جي ماپ هڪ هٿ چئبي) * عمامو قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي ٻڌو. *مِرْاٰت شريف ۾ آهي عِمامو بيهي ٻڌڻ سنّت آهي مسجد ۾ ٻڌي يا ڪنهن ٻي هنڌ * عمامي ۾ سنّت هي آهي ته اڍائي گز کان گھٽ نه هجي، نه 6 گز کان وڌيڪ ۽ ان جي بندش(ٻڌڻ) گنبذ نُما هجي۔([1])
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر پڻ آهي۔
قرض ہو گا ادا آکے مانگو دعا پاؤ گے برکتیں قافلے میں چلو
قَرْض کا بار ہو، بے کسی یار ہو چاہو گر راحتیں قافلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي مدني قافلن ۾ سفر ڪري علمِ دين سکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔