Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سنوريل سينگاريل ٻڍڙيء جي پُڪار ٻُڌن ها ته اڄ اُمّت آخرت کي ڇڏي دُنيا جي ٿي وڃي ها ۽ جيڪڏهن حُضُور جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کير جو پيالو قبول نه ڪن ها ته اُمّت گمراه ٿي وڃي ها يا غرق ڪئي وڃي ها پر الحمد لله! الله پاڪ اسان گنهگارن کي رحمتن واري نبي، نبين جي نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اُمّتي بڻايو آهي، اسان جي ڪريم آقا، اسان جي رحيم آقا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُمّت تي ڪرم فرمايو، پنهنجي پياري اُمّت کي ڪفر و شرڪ کان به بچائي ورتو، دُنيا جي محبت ۾ ٻڏڻ کان به بچائي ورتو ۽ کير جو پيالو قبول فرمائي گمراهي ۽ غرق ٿيڻ کان به بچائي ورتو۔ لهٰذا اڄ اها اُمّت پنهنجي ڪريم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان غُلامي جي نسبت تي فخر ڪندي جھومي جھومي چئي سگھي ٿي: اي اسان جا ڪريم آقا!
تیری معراج کہ تُو جانے کہاں تک پہنچا میری معراج کہ میں تیرے قدم تک پہنچا
وضاحت: يعني يا رسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان جي معراج ته هي آهي جو الله پاڪ اوهان کي خاص قُرب ۾ گھرايو پر اسان جي ته اها ئي معراج آهي جو الله پاڪ اسان کي اوهان جو اُمّتي بڻايو آهي۔
اي عاشقانِ رسول! هن هنڌ هڪ ٻيو به مدني گل سکڻ لاءِ آهي، ٿورو غور فرمايو! اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پنهنجي اُمّت سان تعلق ڪيترو مضبوط آهي۔ بِلا تمثيل (يعني صِرف آساني سان سمجھائڻ جي لاءِ) عرض ڪيان: ٻار جڏهن ماءُ جو کير پيئي (يعني Mother feed ڪري) ٿو، ان وقت ماءُ جو ٻار سان اهڙو تعلق هوندو آهي جو ماءُ جيڪڏهن ڪا ٿڌي شيء کائي وٺي ته ٻار کي نزلو زُڪام ٿي سگھي ٿو، ماءُ جيڪڏهن کٽي شيء کائي وٺي ته ٻار جو ڳلو خراب ٿي سگھي ٿو، ماءُ ۽ ٻار جو ايترو گهرو تعلق هوندو آهي پر هتي فرق آهي: 1: ماءُ ۽ ٻار جو هي تعلق صِرف ان وقت تائين هوندو آهي، جيستائين ٻار ماءُ جو کير پيئي (يعني Mother feed ڪري) ٿو،