Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
رهيا هجن ته ان وقت نماز پڙھو تَدْخُلُوا الْجَنَّۃَ بِسَلَامٍ (توهان اهي ٽي ڪم ڪندو ته) سلامتي سان جنّت ۾ داخِل ٿي ويندو۔([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! ان 12 عملن مان 3 عمل نجات ڏيارڻ وارا آهن: 1 خَلۡوَت هجي يا جلوت هجي، بازار ۾ هجون يا گھر ۾، دوستن جي محفل هجي يا تنهائي، هر حال ۾ الله پاڪ کان ڊڄندو رهڻ 2 غربت هجي يا مالداري، هٿ تنگ هجي يا خوشحال هجو، پيسن جي ڪمي هجي يا ڪثرت هجي، هر حال ۾ ميانه روي اختيار ڪرڻ، فضول خرچي کان بچڻ 3 غُصي جي حالت هجي يا خوشي جي، هر صُورت ۾ اِنصاف قائِم رکڻ، يعني نه اسان غُصي ۾ ڪنهن تي ظُلم و زيادتي ڪيون، نه خوشي ۾۔
اڄڪلھ هي بَلا گھڻي عام آهي، ماڻهو ڪاوڙ ۾ اچي ناحق ٻين تي ظُلم ڪن ٿا، هن سان گڏوگڏ خوشي ۾ به ٻين کي ناحق تڪليف پهچائڻ کان به مڙن نٿا، مثال طور شادي هجي ته وڏي آواز ۾ گانا هلائي تڪليف پهچائيندا، مذاق اُڏائي ٻين جي دِل آزاري ڪندا، ظاهر آهي، هي انصاف ته نه آهي، سراسر نااِنصافي آهي۔ ائين هر حالت ۾، هر طرح جي نااِنصافي کان بچڻ هي نجات ڏيارڻ وارو عمل آهي۔
اي عاشقانِ رسول! انهن 12 عملن ۾ 3 عمل هلاڪت ۾ وجھڻ وارا آهن، يعني انهن ٽن عملن کان اسان کي بچڻو آهي، جيڪڏهن اسان انهن کان نه بچنداسين ته هي 3 بُرا عمل اسان کي هلاڪت ڏانهن وٺي ويندا، اهي 3 عمل هي آهن: 1 بخل (يعني ڪنجوسي) : پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڪنجوسي کان بچو! بيشڪ توهان کان پهريان وارن کي ڪنجوسي