Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
الله! الله! اي عاشقانِ رسول! غور ته فرمايو! ذِڪر ڪٿي ٿي رهيو آهي، ڪنهن جي سامهون ٿي رهيو آهي، ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن جو ذِڪر ٿي رهيو آهي۔ پهريون قبلو يعني مسجدِ اَقصيٰ آهي، ڪائنات جي سڀ کان اَفضل هستيون يعني انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام تشريف فرما آهن، خطبو ڏيڻ وارا اسان جا آقا و موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن ۽ ذِڪر اُمّتِ مصطفيٰ جو ٿي رهيو آهي۔
سبحٰن الله! هي آهن اسان جا آقا، اسان جي دِلين جا آقا، اسان جي رُوح جا آقا، ٻنهي جھانن جا داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ...!! پاڻ معراج تي وڃي رهيا آهن ۽ انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جي اجتماع ۾ پنهنجي اُمّت جو تذڪرو ڪري، اُمّت جا فضائل بيان ڪري اُمّت جي به معراج ڪرائي رهيا آهن۔ هي حُضُور، جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ايترو وڏو اِحسَان آهي جو اسان هن تي جيترو ناز ڪيون، گھٽ آهي، اسان بَس مٿو جھڪائي، هٿ ٻڌي ايترو ئي عرض ڪري سگھون ٿا ته يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!
جو نہ بُھولا ہم غریبوں کو رضا یاد اُس کی اپنی عادت کیجئے!
اي عاشقانِ رسول! ٿورو تصور ڪيو! هي حضور، جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اسان غلامن تي ڪيترو وڏو احسان آهي، اسان هن تي جيترو ناز ڪيون گهٽ آهي، اسان مٿو جهڪائي هٿ ٻڌي ايترو ئي عرض ڪري سگهو ٿا ته يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!
عرشِ اعظم تي نوازشاتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مسجدِ اَقۡصيٰ ۾ انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام کي نماز پڙھائي، پوء خطبا ٿيا، ان کان بعد معراج واري مصطفيٰ، ٻنهي جھانن جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آسمانن