Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

نماز معراج جو تحفو آهي

اي عاشقانِ رسول! اسان جا پيارا نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ معراج جي رات پنهنجي رَبِّ ڪريم جي پاڪ بارگاھ ۾ حاضِر ٿيا، هي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي معراج هئي، هن معراج واري سفر ۾ نوازشاتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي به ڄڻ برسات ٿي رهي هئي۔ هڪ وڏي اهم نوازش جيڪا هن رات اسان غلامن تي ٿي، اها هي ته اسان جي پياري پياري، غمخوار آقا، ٻنهي جھانن جا داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان غلامن جي لاءِ الله پاڪ جي درٻار مان تحفو به کڻي آيا، اهو ڪهڙو تحفو آهي؟ اهو  آهي: نماز. جي ها! نماز مؤمن جي معراج آهي۔ مِرقَاة المَفَاتيح ۾ آهي: اَلصَّلَاۃُ مِعْرَاجُ الْمُؤْمِنْ نماز مؤمن جي معراج آهي۔([1])

سُبْحٰنَ الله! اها ڪيتري زبردست نوازش آهي...! اسان کي نماز جو تحفو مِليو ۽ نماز مؤمن جي معراج آهي، هاڻي قيامت تائين جي لاءِ مسلمانن تي هي عنايت ٿي وئي جو زِندگي ۾ هڪ ڀيري نه، سال بعد نه، مهيني بعد نه بلڪه روزانو پنج ڀيرا ٻانهو وُضُو ڪري، مسجد ۾ حاضِر ٿئي، تَوَجُّھ سان، خشوع و خضوع سان، دِل جمعي سان نماز پڙھي، پنهنجي پياري الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِري ڏي، مٿو سجدي ۾ رکي،۽ پنهنجي معراج ماڻي....!

اي عاشقانِ رسول! ٿورو غور فرمايو! دُنيا جي بادشاهن وٽ وڃڻو هجي ته هزار رڪاوٽون هونديون آهن، پر هي ڪهڙو ڪرم آهي، تمام جهانن جي رَبِّ ڪريم، رحمٰن و رحيم رب جي پاڪ بارگاھ ۾ حاضِر ٿيڻو آهي، ڪا روڪ ٽوڪ نه آهي، جڏهن دِل ڪري، اُٿو، وُضُو ڪريو، پنهنجي رَبّ جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿي وڃو۔ هي ڪيتري عظيم نعمت آهي جيڪا اسان کي معراج جي صدقي ۾ نصيب ٿي، هي ڪيتري عظيم نوازش آهي جيڪا حُضُور، جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي اسان گنهگارن تي ٿي۔ سُبْحٰنَ الله!


 

 



[1]...مرقاۃ المفاتیح، کتاب الصلاۃ، جلد:2، صفحہ:421، تحت الحدیث:746۔