Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
کان ڊڄڻ 2 وَ الْقَصْدُ فِي الْفَقْرِ وَ الْغِنٰي تنگي و آساني، غربت و مالداري (هر حال ۾) ميانه روي اختيار ڪرڻ 3 وَالْعَدْلُ فِي الْغَضَبِ وَ الرِّضيٰ يعني غُصي جي حالت هجي يا خوشي جي ڪيفيت هجي (هر حال ۾) انصاف قائِم رکڻ۔
هي ٽي مسئلا حل ٿي ويا، هاڻي حضرت عزرائيلعَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيائين: وَ مَا الْمُهلِڪَاتُ يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هلاڪت ۾ وجھندڙ شيون ڪهڙيون آهن؟ فرمايائون: 1 شُحٌّ مُطَاعٌ ڪنجوسي جنهن جي پيروي ڪئي وڃي 2 وَ هَويً مُتَّبَعٌ خواهش جنهن جي اِتِّباع ڪئي وڃي 3 وَ اِعْجَابُ الْمَرءِ بِنَفْسِهٖ ۽ ٻانهي جو پنهنجو پاڻ کي سٺو سمجھڻ (يعني خود پسندي جو شڪار ٿيڻ)۔([1])
اي عاشقانِ رسول! هي ڪل 12 شيون ٿيون۔ فرشتا 1000 سالن کان هنن مسئلن بابت غور و فِڪر ڪري رهيا هئا، اڄوڪي رات اسان جي آقا و موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملائڪن جا مسئلا حل فرمائي انهن کي هي 12 ڳالھيون ارشاد فرمايون۔ زهي نصيب! اڄ معراج جي رات اسان انهن 12 ڳالھين کي معراج جو تحفو سمجھي قبول ڪريون ۽ ڪاش! پنهنجي زِندگي ۾ نافِذ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔
انهن 12 مان ٽي عمل اهي آهن، جن جي برڪت سان گُنَاھ معاف ٿين ٿا:
1 مشڪل وقت (جڏهن وُضُو ڪرڻ جي همت نه ٿئي، مثلاً سخت سردي هجي، ان وقت) ڪامِل وُضُو ڪرڻ۔ هن سان گُنَاھ معاف ٿين ٿا۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو ٻانهو چڱي طرح (يعني سنتن ۽ مستحبن جو خيال رکندي، ڪامِل) وُضُو ڪري، ان جي جسم مان ايستائين جو ننهن جي هيٺان واريون خطائون به نڪري وينديون آهن۔([2]) هڪ روايت ۾ آهي، اسان جي آقا وموليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن مسلمان وُضُو ڪري ٿو ته چهرو ڌوئڻ سان چهري جا، هٿ ڌوئڻ سان هٿن جا ۽ پير ڌوئڻ سان