Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

پئي نڪتو، الله پاڪ جي پياري نبي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪجھ ئي گھڙين ۾ ملائڪن جا مَسئلا حل ڪري ڇڏيا! هي آهي نوازشِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

اے رحمتِ عالَم تیری رحمت کے تصدق         ہر ایک نے پایا ترا صدقہ شبِ معراج

ملائڪن جا 4 مَسئلا

پيارا اسلامي ڀائرو! ملائڪن جا اهي 4 مَسئلا ڪهڙا هئا، جن بابت اهي 1000 سال کان غور و فِڪر ڪري رهيا هئا؟ حديثِ پاڪ ۾ آهي: جڏهن الله پاڪ ملائڪن کي فرمايو ته اي فرشتو! اڄ اسان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پنهنجا مسئلا پڇي وٺو ته سڀ کان پهريان حضرت اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيائين: مَا الْڪَفَّاراتُ يعني (يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!) ڪفّارات (گُنَاهن کي مٽائڻ واريون شيون) ڪهڙيون آهن؟ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: 1 مشڪل وقت (يعني جڏهن وُضُو ڪرڻ دُشوار لڳي، مثال طور سخت سردي هجي، ان وقت) ڪامِل وُضُو ڪرڻ 2 باجماعت نماز جي لاءِ پيادل وڃڻ 3 ۽ هڪ نماز کان بعد ٻي نماز جو انتظار ڪرڻ۔

هاڻي حضرت ميڪائيل عَلَيۡهِ السَّلَام ٻيو مسئله عرض ڪيو: وَ مَا الدَّرَجَاتُ (يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!) درجات (بلند ڪرائڻ وارا عمل) ڪهڙا آهن؟ رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: 1 اِطْعَامُ الطَّعَام کاڌو کارائڻ 2 وَ اِفْشَاءُ السَّلَام سلام کي عام ڪرڻ 3 وَ الصَّلَاۃُ بِاللَّيْلِ وَالنَّاسُ نِيَام رات جو جڏهن ماڻهو ستل هجن، ان وقت نماز پڙھڻ۔ (هي ٽي ڪم ڪرڻ واري جا درجات بلند ٿيندا آهن)۔

ملائڪن جا ٻه مسئلا حل ٿي ويا، هاڻي حضرت جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلَام ٽيون مسئلو پيش ڪيو: وَ مَا الْمُنْجِيَاتُ (يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!) نجات ڏياريندڙ شيون ڪهڙيون آهن؟ محبوبِ رَبّ، سلطانِ عرب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون:1 خَشْيَۃُ اللهِ فِي السِّرِّ وَ الْعَلَانِيۃِ تنهائي ۾ ۽ سڀني جي سامهون (هر حال ۾) الله پاڪ