Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

هڪ ٻيو ايمان افروز مدني گل

پيارا اسلامي ڀائرو! هن هنڌ  هڪ ٻيو به نهايت ڪمال وارو علمي نڪتو آهي: ڏسو! جڏهن اسان جا آقا و موليٰ، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ظاهري دُنيا ۾ تشريف فرما هئا ۽ اسان عالَمِ ارواح ۾ هئاسين، ان وقت جيڪڏهن حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اسان غُلامن سان ايترو گهرو تعلق ٿي سگھي ٿو ته ٿورو غور ڪيو! هاڻي جڏهن اسان ظاهري دُنيا ۾ آهيون ۽ حُضُورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عالَمِ برزخ ۾ تشريف فرما آهن ته هاڻي حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي غُلامن تي رحمت ڀري نگاھ ڇو نٿا رکي سگھن؟ يقيناً جهڙي طرح ان وقت جانِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اُمّت سان گهرو تعلق هو، هاڻي جڏهن ته حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ روضي پاڪ ۾ تشريف فرما آهن، هاڻي به اهو ئي تعلق قائِم آهي، هاڻي به حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي غُلامن کي ڏسن ٿا، رحمت ڀري نگاھ به فرمائن ٿا ۽ بگڙي به بنائن ٿا۔ سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

فریاد اُمّتی جو کرے حالِ زار میں      ممکن نہیں کہ خیرِ بشر کو خبر نہ ہو

۽ عاشقِ اعليٰ حضرت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا:

اُمّت کے حال سے وہ آگاہ ہر گھڑی ہیں                  خوابوں میں آ رہے ہیں، بگڑی بنا رہے ہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام تي نوازشاتِ مصطفيٰ

اي عاشقانِ رسول! معراج جي رات الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي گھرائڻ جي لاءِ حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام کي موڪليو، يقيناً حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام پهريان به ڪافي ڀيرا زمين تي اچي چڪا هئا، حضرت جبريل ئي نبين سڳورن عَلَيۡهِمُ السَّلَام وٽ وحي کڻي ايندا رهيا، کوڙ ڀيرا انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جي خدمت ۾ الله پاڪ جو پيغام پهچايو آهي پر معراج جي