Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

پيئڻ وارن ۽ ماڻهن سان درگذر ڪرڻ وارن جي لاءِ آهن۔ ([1])

مٿو چٿرڻ وارو عذاب

معراج واري واقعي جي روايتن ۾ آهي: معراج جي رات اسان جي پياري نبي، مڪي مدني محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهڙن ماڻهن وٽ آيا جن جي مٿن کي پٿرن سان چٿريو پئي ويو، هر ڀيري چٿرڻ کان بعد اهي پهريان جيان درست ٿي ويندا هئا ۽ (ٻيهر چٿريا ويندا هئا)۔ حضرتِ جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيائين: هي اهي ماڻهو آهن جن جا مٿا نماز سان ڳرا (يعني سست) ٿي ويندا هئا۔([2])

باھ جي ٽارين سان لٽڪيل ماڻهو

مِعرَاج جي رات نبين جي سردار، رسولن جي سالار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دوزخ ۾ ڪجھ اهڙا ماڻهو به ڏٺا جيڪي باھ جي ٽارين سان لٽڪيل هئا۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇيائون: اي جبريل! هي ڪير آهن؟ عرض ڪيائين: هي اهي ماڻهو آهن جيڪي دنيا ۾ پنهنجي والِدَين کي گاريون ڏيندا هئا۔([3])

پيارا اسلامي ڀائرو! اهي عبرتناڪ روايتون اسان کي شبِ معراج جو هڪ پيغام ٻُڌائي رهيون آهن ته اسان شبِ معراج جو جشن ته ملهايون، ان تي خوشي به ڪيون، ان سان گڏوگڏ جهنّم کان بچڻ جو به سامان ڪريون، گُنَاھ ڇڏيون، پڪي سچي توبه ڪريون، نيڪيون ڪريون، جنّت ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل اپنايون ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارن ڪمن کان هر دَم بچندا رهون۔ الله پاڪ اسان کي سچي پڪي توبه جي توفيق عطا فرمائي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...مسند الفردوس، جلد:2، صفحہ:255، حدیث:3188۔

[2]...مجمع الزوائد، کتاب الایمان، جلد:1، صفحہ:92، حدیث:235۔

[3]...الزواجر، کتاب النفقات، جلد:2، صفحہ:125۔