Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
بخشيو آهي، تفسير رُوح المعاني ۾ آهي: مسجدِ اَقصيٰ جي ٿنڀن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ هي عرض ڪيو: يا الله پاڪ! اسان کي کوڙ انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جون برڪتون نصيب ٿيون آهن، يا الله پاڪ! اسان تنهنجي محبوبِ ڪريم، آخري نبي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت جو شوق رکون ٿا، اسان کي سندن زيارت جو شرف عطا فرماء۔ نيٺ الله پاڪ مسجدِ اَقصيٰ جي انهن ٿنڀن جي دُعا قبول فرمائي ۽ معراج جي رات پنهنجي محبوبِ اڪرم،نورِمجسم
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پهريان مسجدِ اَقصيٰ گھرايو، پوءِ آسمان جو سَفر ڪرايو۔([1])
يعني هي اسان جي آقا و موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مسجدِ اَقصيٰ تي نوازش هئي، مسجدِ اَقصيٰ جا در و دِيوار پڻ محبوبِ رَبِّ اڪبر، سلطانِ بحر و بَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت جو شوق رکندا هئا، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مسجدِ اَقصيٰ ۾ تشريف وٺي ويا ۽ ان جي در و دِيوار کي پنهنجي ديدار سان مشرف فرمايو۔
نبين سڳورن عَلَيۡهِمُ السَّلَام جي اجتماع ۾ پنهنجي اُمّت تي نوازش
پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي ٿورو دِل سنڀالي پنهنجي پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت ڀري نوازش ٻڌو! روايتن ۾ اچي ٿو ته جڏهن الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مسجدِ اَقْصيٰ ۾ تشريف فرما ٿيا، اتي نبين سڳورن عَلَيۡهِمُ السَّلَام سندن جو استقبال ڪيو، پوءِ صفون ٺاهيون ويون، پيارا آقا، امامُ الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ امامت جي لاءِ اڳتي آيا۔
اوهان جي معلومات جي لاءِ عرض ڪيان؛ عَلَّامه مَحمُود آلوسي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل ڪن ٿا ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام کي ٻه رڪعت نماز پڙھائي ۽ ان جي پهرين رڪعت ۾ سورت ڪافِرون جي تِلاوت فرمائي ۽ ٻي رڪعت ۾ سورت اِخلاص جي تِلاوت فرمائي۔([2])