Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
سمجھے حامِدؔ اِنسان ہی کیا یہ راز ہیں حُسن و اُلْفَت کے
خالِق کا حَبِیْبِی کہنا تھا خَلقت نے کہا سُبْحٰنَ اللہ! ([1])
اللہ کی عنایت مرحبا معراج کی عظمت مرحبا
براق کی قسمت مرحبا براق کی سُرعَت مرحبا
اقصیٰ کی شوکت مرحبا نبیوں کی امامت مرحبا
آقا کی رِفعت مرحبا آسماں کی سیاحت مرحبا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
معراج شريف جي روايتن ۾ آهي: جڏهن معراج واري مصطفيٰ، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بُراق تي سُوار ٿي مسجدِ اقصيٰ جي طرف تشريف وٺي وڃي رهيا هئا، رستي ۾ هڪ هنڌ تي ڪنهن سندن کي پُڪاريو: مون ڏانهن نهاريو! مون کي اوهان کان ڪجھ پڇڻو آهي۔ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان ڏانهن بلڪل تَوَجُّھ نه ڏنائون۔ ڪجھ اڳتي وڃي وري ڪنهن پُڪاريو: مون ڏانهن نگاھ فرمايو! مون کي اوهان کان ڪجھ پڇڻو آهي۔ حُضُورِ اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي طرف به تَوَجُّھ نه ڏنائون۔ پوءِ اڳتي وڃي ڏٺائين ته رستي جي ڪناري هڪ سنوريل سينگاريل ٻڍڙيء بيٺل آهي۔ ان به چيو: مون ڏانهن نگاھ فرمايو! مون کي اوهان کان ڪجھ پڇڻو آهي۔ پياري نبي، مڪي مدني، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان ٻڍڙيء ڏانهن به بلڪل ڌيان نه ڏنائون۔
حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام انهن ٽنهي جي باري ۾ وضاحت ڪندي عرض