Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
ہو مبارک شہا! صاحبِ معراج یا شفیع الوریٰ صاحبِ معراج
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! معراج جو سفر آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي رَبِّ ڪريم سان ملاقات جي لاءِ تشريف وٺي وڃي رهيا آهن ۽ رستي ۾ مخلوق تي نوازشاتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي برسات ٿي رهي آهي۔ هڪ سُوال ذهن ۾ اچي ٿو، الله پاڪ حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام کي موڪليو، محبوبِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي پاڪ بارگاھ ۾ گھرايو ته سَفرِ معراج ۾ منزل ڇا هئي؟ يقيناً الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿيڻ هو، آسمان، سِدرَة المنتهيٰ، عرش، لامڪان تائين وڃڻو هو. سُوال هي آهي ته سفر آسمانن جي طرف ڪرڻو هو، جيڪڏهن حُضُورِ اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مڪي پاڪ کان سڌو آسمانن ڏانهن تشريف کڻي وڃن ها، مقصد پُورو ٿي رهيو هو، آسمان جو فاصلو مڪي پاڪ کان به ايترو ئي آهي، مسجدِ اقصيٰ کان به اُوترو ئي آهي، پوءِ اسان جي آقا و موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مَسجِدِ اقصيٰ ۾ ڇو تشريف وٺي ويا؟ مڪهءِ مڪرمه کان سڌو آسمان جو رُخ ڇو نه ڪيائون؟ اي عاشقانِ رسول! عالم سڳورن تي الله پاڪ رحمت جي نظر فرمائي، انهن هن سُوال جا کوڙ جواب ارشاد فرمايا آهن، مسجدِ اقصيٰ تشريف وٺي وڃڻ جون ڪيئي حڪمتون بيان ڪيون آهن، انهن مان هڪ حڪمت بيان ڪندي عالم فرمائن ٿا: لِتَتَشَرَّفَ اَرْضُ الْمَحْشَرِ يعني زمين جي جنهن خطي تي مسجدِ اَقْصيٰ واقع آهي،(زمين جو اِهو خطو پهريان شام جي ملڪ جي حدود ۾ هو ۽ شام ملڪ اها سرزمين آهي جو) جتي قيامت جي ڏينهن ميدانِ محشر قائم ٿيندو ته حُضُورِ اڪرم،نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پهريان مسجدِ اَقصيٰ تشريف وٺي ويا ته جيئن ميدانِ محشر جي سرزمين تي رحمت ڀريا قدم لڳي وڃن، ميدانِ محشر جي سرزمين کي شرف ملي وڃي۔([1])