Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

پاڪ جڏهن عرشِ اعظم کي تخليق فرمايو ته عرش تي الله پاڪ جي جلال جي ڪري هيبت طاري هئي، عرش ڏڪي رهيو هو، ان تي لَااِلٰهَ اِلَّا اللهُ لکيو ويو، ان سان عرش جي هيبت مزيد وڌي وئي، عرشِ اعظم تي وڌيڪ ڏڪڻي طاري ٿي، هاڻي ان تي مُحَمَّدٌرَّسُوْلُ الله لکيو ويو، رحمتِ ڪل جهان، محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نالي پاڪ جي برڪت هئي جو عرشِ اعظم جي اها هيبت واري ڪيفيت پري ٿي وئي، عرشِ اعظم کي راحت ملي وئي۔([1])

ان وقت کان ئي عرشِ اعظم مشتاق هو ته جن جي صِرف مبارڪ نالي جي ايتري برڪت آهي جو اُن جو نالو لکڻ سان منهنجي ڏڪڻي پري ٿي وئي، اُنهن جي زيارت جو شرف خبر ناهي ڪڏهن نصيب ٿيندو۔ جيئن ته جڏهن آقاءِ دوجهان، مالِڪ ڪون و مڪان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عرشِ اعظم تي تشريف فرما ٿيا ته عرشِ اعظم جي صديون پراڻي حسرت پوري ٿئي ايئن شبّ معراج اسان جي آقا ۽ موليٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي نوازشن سان عرش اعظم کين به حصو نصيب ٿيو.  

جس وقت چلی شاہِ مدینہ کی سواری                                               سجدے میں جھکا عرشِ مُعلّٰی شبِ معراج

اے رحمتِ عالَم تیری رحمت کے تصدق                           ہر ایک نے پایا ترا صدقہ شبِ معراج

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ملائڪن تي نوازشاتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اي عاشقانِ رسول! علّامه عمر بن احمد آفندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه قصيده برده شريف جي شرح ۾ لکن ٿا: معراج واري مصطفيٰ، امامُ الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي معراج ڇو ڪرائي وئي، ان جي هڪ حڪمت هي به آهي جو مَلاءِ اعليٰ جا ملائڪ 1000 سالن کان ڪجھ مسئلن ۾ غور و فِڪر ڪري رهيا هئا پر انهن جا اهي مسئلا


 

 



[1]...مواہب اللدنیہ، المقصدالخامس:الاسراءوالمعراج، جلد:2، صفحہ:388۔