Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪام: نيڪ اعمال
اي عاشقانِ رسول! نيڪ نمازي بڻجڻ، الله ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا وارا ڪم ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به گھڻو حِصو وٺو! اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! دين و دُنيا جون کوڙ ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: نيڪ اعمال
الحمد لله! شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه نه صرف پنهنجي مُريدن کي بلڪه سڄي دُنيا جي عاشقانِ رسول کي، اسلامي ڀينرن کي، جامعة المدينه ۽ مدرسة المدينه ۾ پڙھڻ وارن ۽ وارين کي، اسپيشل پرسنز (يعني گونگن، ٻوڙن ۽ نابين) کي، حج و عمره جي سعادت ماڻڻ وارن خوش نصيبن کي، ايستائين جو جيل جي قيدين کي پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بهترين نسخو ڏنو آهي ۽ اهو آهي: رسالو نيڪ اَعْمَال۔ اوهان به جيبي(کيسي) سائز جو هي مختصر رِسالو مڪتبة المدينه تان طلب ڪريو، ان کي پڙھو، ان جي مُطَابق زِندگي گذاريو ۽ روزانو پنهنجي عمل جو جائزو وٺو۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! گُنَاهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دِل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف ۽ خوب صُورت ٿي ويندو۔
رسالو ”نيڪ اعمال“ جي ذريعي جائزي جو انعام
هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: مون کي اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي عطا ڪيل 72 نيڪ اعمال کان پيار آهي ۽ روزانو جائزو وٺڻ جو منهنجو معمول آهي، هڪ ڀيري مان عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي سنتن جي تربيت جي مدني قافلي ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ بلوچستان جي سَفر تي هئس، ان دوران مون گنهگار تي ڪرم جو دروازو کلي ويو، ٿيو اهو جو رات جو جڏهن سُتس ته قسمت بيدار ٿي، جنابِ رسالت مآب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ تشريف وٺي آيا، اڃا جلوئن ۾ گم هئس جو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو مدني قافلي ۾ روزانو فِڪرِ مدينه ڪن ٿا (يعني نيڪ اعمال جو جائزو وٺن ٿا)، مان انهن کي پاڻ سان گڏ جنّت ۾ وٺي ويندس۔([1])