Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون اسان تي کوڙ عنايتون آهن، ڏسو! معراج جي رات به حُضُور جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر هر لمحي اسان غُلامن کي ياد رکيائون، هاڻي اسان کي به گھرجي ته اسان به پنهنجي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سچي غُلامي جو عملي ثبوت ڏيون، نماز اسان جي آقا جي اکين جي ٿڌاڻ آهي، اسان کي به گھرجي ته اسان به خوب نمازون پڙھون، گُنَاھ بخشرائڻ وارا عمل اپنايون، درجات بلند ڪرائڻ وارا عمل اپنايون، نجات ڏيارڻ وارا عمل اپنايون، الله ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا وارا ڪم ڪريون ۽ جنّت جا حق دار بڻجڻ جي ڪوشش ڪريون۔

شَبّ معراج جا مشاهدات

پيارا اسلامي ڀائرو! معراج جي رات اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنّت جي سير به فرمائي ۽ دوزخ کي به ملاحظه فرمايو،

موتين سان ٺهيل گنبذ نُما خيما

جنت ۾ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ موتين سان ٺهيل گنبذ نُما خيما ڏٺا جن جي مِٽي مُشڪ جي هئي۔ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرتِ جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام کان پڇيائون: لِمَنْ ھٰذَا يَا جِبْرِيْل يعني اي جبريل! هي ڪنهن جي لاءِ آهن؟ عرض ڪيائين: هي اوهان جي اُمَّت جي امامن ۽ مُؤذِّنن جي لاءِ آهن۔([1])

سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! رِضاءِ الٰهي جي لاءِ آذان ڏيڻ ۽ امامت ڪرڻ جي ڇا خوب فضيلت آهي جو الله پاڪ انهن جي لاءِ جنت ۾ موتين سان ٺهيل خيما تيار ڪري رکيا آهن۔

بلند وبالا محل

روايت آهي: معراج واري مصطفيٰ، ٻنهي جهانن جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ معراج جي رات بلند وبالا محل ڏٺا، حضرتِ جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام جن عرض ڪيو ته هي غصو


 

 



[1]...مسند للشاشی، مسند عبادۃ بن الصامت، جلد:3، صفحہ:321، حدیث:1428۔