Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
هلاڪت ۾ وڌو هو۔([1]) 2 خواهش پرستي (يعني نفس جي خواهشن جي پويان هلڻ): هي ته تمام خطرناڪ عَمَل آهي۔ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: نفساني خواهشن کان بچندا رهو ڇوته هي ماڻهو کي انڌو، ٻوڙو ڪري ڇڏيندي آهي۔ ([2])
ان ڪري پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گھرجي ته اسان نفس جي خواهشن جي پويان نه بلڪه الله ۽ رسول جي فرمانن جي پويان هلون۔ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: لَا يؤْمِنُ اَحَدُڪُمْ حَتّيٰ يڪُوْنَ هَوَاهُ تَبِعًا لِمَا جِئْتُ بِهٖ توهان مان ڪو به ان وقت تائين (ڪامِل) مؤمن نٿو ٿي سگھي، جيستائين ان جون خواهشون منهنجي آندل دِين جي تابِع نه ٿي وڃن۔([3])
3 هلاڪت ۾ وجھندڙ ٽيون عَمَل آهي: خود پسندي۔ هي به انتهائي خطرناڪ باطني بيماري آهي۔
شيخِ طريقت، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه لکن ٿا: مليل نعمت (مثال طور صحت، حُسن و جمال، دولت، ذهانت، خوش الحاني، منصب يا عِلم و عَمَل) کي پنهنجو ڪارنامو سمجھڻ ۽ هي وسارڻ ته هي سڀ الله رَبُّ العزّت ئي جي عنايت آهي۔ اها خود پسندي آهي۔([4])
الله پاڪ اسان کي نيڪ عملن کي اپنائڻ ۽ هلاڪت ۾ وجھندڙ عملن کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔