Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا و موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ميدانِ محشر کي به نوازيو، اهو مقام جتي سڀاڻي قيامت جو امتحان ٿيندو، جڏهن زمين کي ٽامي جي زمين سان بدليو ويندو، سج سوا ميل تي رهي باھ وَسائي رهيو هوندو، زمين ٽهڪي رهي هوندي، جتي اڳين پوئين کي گڏ ڪيو ويندو، معراج جي رات هن خطي تي اسان جي آقا و موليٰ، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجا رحمت ڀريا قدم لڳائي ان کي شرف عطا فرمايو يا هيئن چئجي ته سڀاڻي قيامت جي ڏينهن جتي حُضُورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غُلامن کي گڏ ٿيڻو آهي، اها ٽهڪندڙ زمين...! اسان جي آقا و موليٰ، سلطانِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان سرزمين تي مبارڪ پير لڳائي ان خطي سان اجنبيت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ هڪ اُنۡسِيت عطا ڪري ڇڏي۔ اسان الله پاڪ جي رحمت سان اُمِّيد رکون ٿا ته اسان غُلامانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀاڻي جڏهن قيامت جي ميدان ۾ حاضِر ٿينداسين ته اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! ميدانِ محشر تي ٿيڻ واري هن ڪرم جي برڪتن مان حِصو ضرور نصيب ٿيندو۔

دنیا میں مجھے تُو نے گر اپنا بنایا ہے    محشرمیں بھی کہہ دینا یہ ہے میرا دیوانہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مسجدِ اَقصيٰ تي نوازشاتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اي عاشقانِ رسول! معراج واري مصطفيٰ، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مِعراج جي رات مسجدِ اَقصيٰ ۾ ڇو تشريف کڻي ويا، مڪهءِ مڪرمه کان سڌو آسمان جو رُخ ڇو نه ڪيائون؟ هن جي هڪ حڪمت بيان ڪندي عالم سڳورا فرمائن ٿا: مسجدِ اَقْصيٰ اها مبارڪ مسجد آهي، جيڪا اڳوڻن نبين سڳورن عَلَيۡهِمُ السَّلَام جو قبلو رهي آهي، الله پاڪ جي ڪيئي انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام هن مسجد کي شرف