Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

پيرن جا گُنَاھ پاڻي سان وهي نڪري ويندا آهن، ايستائين جو ٻانهو گُنَاهن کان پاڪ صاف ٿي ويندو آهي۔([1])

 2 گُنَاھ بخشرائڻ وارو ٻيو عمل؛ نمازِ باجماعت جي لاءِ پيادل هلڻ: مسلم شريف جي حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو شخص پنهنجي گھر وُضُو ڪري، پوءِ فرض نماز جي ادائيگي جي لاءِ مسجد جي طرف هلي ته ان جي هڪ قدم تي گُنَاھ معاف ٿيندو آهي، ٻي قدم تي هڪ درجو بلند ڪيو ويندو آهي۔([2]) هڪ حديث شريف ۾ آهي: نماز ۾ وڌيڪ اَجر و ثواب ان جي لاءِ آهي جيڪو گھڻو پري کان پيادل هلي ايندو آهي۔([3])

3 گُنَاھ بخشرائڻ وارو ٽيون عمل؛ هڪ نماز کان بعد ٻي نماز جو انتظار ڪرڻ: حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: جنهن جتي نماز پڙھي، اتي ويٺل رهي ته جيستائين وُضُو نه ٽٽي، ملائڪ ان جي لاءِ دُعا گھرندا رهن ٿا، ملائڪ چون ٿا: اَللّٰہُمَّ اغْفِرْہُ اَللّٰہُمَّ ارْحَمْہُ اِلٰهي! هن جي مغفرت فرماء، اِلٰهي! هن تي رحم فرماءِ۔([4])

درجات بلند ڪرڻ وارا 3 عمل

ان 12 مان 3 عمل درجات بلند ڪرائڻ وارا آهن:1 کاڌو کارائڻ 2 سلام کي عام ڪرڻ 3 رات جو جڏهن ماڻهو سمهي رهيا هجن، ان وقت نماز پڙھڻ۔ حضرت عبد الله بن سلام رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون مدينه منوره ۾ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زبان مان سڀ کان پهرين جيڪا گفتگو ٻڌي اها هي هئي: یَا اَیُّہَا النَّاسُ! اي انسانو! اَفْشُوا السَّلَامَ سلام کي عام ڪيو!
وَ اَطْعِمُوا الطَّعَامَ کاڌو کارايو! وَ صَلُّوْا بِالَّيلِ وَالنَّاسُ نِيَامٌ ۽ رات جو ماڻهو سمهي


 

 



[1]...مسند بزار، جلد:2، صفحہ:74، حدیث:420۔

[2]...مسلم، کتاب المساجد، باب:المشی الی الصلاۃ، صفحہ:242، حدیث:666۔

[3]...بخاری، کتاب الاذان، باب:فضل صلاۃ الفجر، صفحہ:224، حدیث:651۔

[4]...مسلم، کتاب المساجد، صفحہ:240، حدیث:649تقدیم وتاخیر ۔