Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
نوٽ: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ هاڻي فڪر مدينه کي جائزو چيو ويندو آهي۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
ٻه فرامين مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: 1 عمامي سان نماز 10 هزار نيڪين جي برابر آهي۔([2]) 2 عمامو ٻڌو توهان جو حلم وڌندو۔([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! عمامو بيهي ٻڌو ۽ پاجامو ويهي پايو * جنهن الٽ ڪيو اهو اهڙي مرض ۾ مبتلا ٿيندو جنهن جي دوا نه آهي (يعني طبيبن کي دوا جو علم نه آهي) * عمامو ٻَڌڻ کان پهرين سٺيون سٺيون نيتون ڪيو، جيڪر هڪ به سٺي نيت نه هئي ته ثواب نه ملندو * مناسب آهي ته عمامي جو پهريون وَر مٿي جي ساڄي پاسي وڃي * الله پاڪ جي آخري رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ عمامي جو شِملو عموماً پٺي مبارڪ تي هوندو هو ۽ ڪڏهن ساڄي