Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa

ويهندس * نصيحت حاصِل ڪندس * اَحمَدِ مُجتبيٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ نالو ٻڌي درودِ پاڪ پڙھندس۔

اڄ جي عظيم الشَّان رات

 اي عاشقانِ رسول! اهڙي عظيمُ الشَّان رات، جنهن رات ۾ عبادت ڪرڻ 100 سالن جي عبادت جي برابر آهي، اڄ ئي جي مبارڪ رات آهي، هي اها عظيم رات آهي جو ڪم و بيش 1400 سال پهريان اڄوڪي رات زمين ۽ آسمان کي سجايو پئي ويو، تارا زمين ڏانهن جھڪي رهيا هئا، هر پاسي ڌُوم متل هئي، جنّت کي سجايو پئي ويو، فضائون مهڪي رهيون هيون، هر پاسي خوشيون ئي خوشيون هيون، مکڙيون کلي رهيون هيون، گل ٽِڙي رهيا هئا، دليون خوشي سان ٽِمٽار هيون، چهرن تي تازگي هئي، هر پاسي بهار ئي بهار هئي، هر پاسي نور ۽ تجلين جي برسات ٿي رهي هئي۔

۽ مزي جي ڳالھ هي آهي جو اهو سمورو اهتمام جنهن محبوب جي لاءِ ٿي رهيو هو، هو ٻنهي جھانن جا سردار، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت اُمِّ هاني رَضِىَ اللهُ عَنْها جي گھر چين سان بستر ۾ آرام فرمائي رهيا هئا۔

قربان میں شان و عظمت پر، سوئے ہیں چین سے بستر پر

جبریلِ امیں حاضِر ہو کر معراج کا مژدہ سناتے ہیں

 اي عاشقانِ رسول! اڄ معراج جي رات آهي، اڄوڪي رات ملائڪن جي سردار حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿي معراج جي خوش خبري ٻُڌائي، اڄوڪي رات معراج واري مصطفيٰ، امامُ الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مسجدِ اقصيٰ ۾ تمام نبين ۽ رسولن جي امامت فرمائي، اڄوڪي رات الله پاڪ پنهنجي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي آسمانن جي سير ڪرائي، جنّت ۽ دوزخ ڏيکاريا، عرش تي گھرايو ۽ اڄوڪي رات الله پاڪ پنهنجي سڀ کان محبوب نبي، مڪي مدني، رسولِ هاشمي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي ديدار جي شرف سان نوازيو۔