Book Name:Shab e Meraj Nawazshat e Mustafa
بِلال! اسان کي راحت پهچايو...!
حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي معراج ڪرايو ويو ۽ مقامِ قرب کان سرفراز ڪيو ويو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: يا الله پاڪ! هاڻي مون کي مصيبتن جي گھر (يعني دُنيا ۾) واپس نه موڪلجان۔ الله پاڪ فرمايو: اي محبوب! اسان جو حڪم اهو آهي، اوهان دُنيا ۾ واپس وڃو ته جيئن اوهان جي ذريعي شريعت قائِم ٿئي ۽ جيڪو ڪجھ اسان هتي عطا فرمايو آهي، دُنيا ۾ به عنايت فرمائينداسين۔ لهٰذا جڏهن پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُنيا ۾ آيا ته جڏهن به سندن دِل مقامِ بلند جي مشتاق ٿيندي هئي ته فرمائيندا هئا: اَرِحْنَا يَا بِلَالُ بِالصَّلَاۃِ اي بلال! نماز جي اذان ڏئي اسان کي راحت پهچايو...!
داتا حُضُور مزيد فرمائن ٿا: اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هر نماز معراج هوندي هئي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي مهربانين کي نماز ۾ ڏسندا هئا، سندن مبارڪ روح نماز ۾ هوندو هو، دِل مبارڪ عاجزي ۾ هوندي هئي ۽ باطِن راز ۾ هوندو هو۔ ايستائين جو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اکين جي ٿڌاڻ نماز بڻجي وئي۔([1])
ہر عبادت سے بَرتَر عبادت نَماز ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نَماز
قلبِ غمگیں کا سامانِ فَرحت نَماز ہے مریضوں کو پیغامِ صِحَّت نَماز
نارِ دوزخ سے بے شک بچائے گی یہ رب سے دلوائے گی تم کو جنَّت نَماز
پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈک ہے یہ قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نَماز
بھائیو! گر خُدا کی رِضا چاہئے آپ پڑھتے رہیں باجماعت نَماز
اي عاشقانِ رسول! اسان نوازشاتِ مصطفيٰ جو بيان ٻُڌو، يقيناً پياري آقا،