Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

سندن عُمر 15 سال هئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سر تان والد محترم جو سايو مٿان کڄي ويو، وراثت ۾ کين هڪ باغ ۽ هڪ پاڻي واري چڪي مِلي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه باغ وڪڻي ڇڏيو، چڪي به وڪڻي ڇڏي ۽ ٻيو جيڪو سامان هو، سمورو وڪڻي، ان جي قيمت فقيرن، مسڪينن تي صدقو ڪيائون ۽ علمِ دين جي واٽ (Religious Knowledge) جا مسافِر بڻجي ويا. پهريان پاڻ سَمرقند ويا، اتي قرآنِ پاڪ حفظ ڪيائون( اِقْتباسُ الْاَنْوَار،صفحہ:347 ملتقطًا۔) ۽ مولانا شرفُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  کان علمِ دين سکيو، خواجه صاحب جيئن جيئن علم سکلندا ويا، تيئن تيئن علم جي اُڃَ وڌندي وئي، جيئن ته سَمرقند ۾ علم سکي ڪري پاڻ بخارا تشريف وٺي آيا ۽ اتي مشهور عالِمِ دين شيخ حُسّامُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي شاگردي اختيار ڪيائون، تقريباً 5 سالن جي مختصر عرصي ۾ پاڻ علم جي اُڃَ  ان وقت جا رائج علوم سکي ورتا، ظاهري علوم سکڻ کان بعد پاڻ باطني علوم جي طرف توجھ ڏنائون ۽ ان جي لاءِ ايران جي علائقي هارون پهتا، اتي حضرت خواجه عُثمان هَروَني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي هٿ تي بيعت ٿيا ۽ تقريباً 20 سالن تائين پير صاحب جي خدمت ۾ حاضر رهي ڪري معرفت جون منزلون طئي ڪندا رهيا. (مرآۃ الاسرار،صفحہ:594 خلاصۃً۔)

خواجۂ خواجگاں مُعِیْنُ الدِّیْن                                       فَخْرِ کون ومکاں مُعِیْنُ الدِّیْن

   545 هجري کان وٺي 622 هجري تائين77 سالن جو گهڻو حصو خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جن سَفر ۾ گذاريو، مديني پاڪ، مڪي شريف، خُراسان، سَمرقند، بخارا، عِراق، هارون، بغداد، ڪِرۡمان، هَمدان، تَبريز، اَسۡترآباد، خَرقان، هرّات، غَزني، رَيۡ، بَدَخۡشان، دمشق، جيلان، اصفهان، مُلتان، لاهور، سيوستان، دهلي ۽ اجمير وغيره مختلف شهرن ۾ ويا، اتي موجود بزرگانِ دين، اولياءِ ڪرام جي خدمت ۾ حاضري ڏنائون، ڪٿي علم ۽ معرفت جو فيضان ورهايائون، ته ڪنهن کان علمِ ظاهر ۽ باطن سکڻ ۾ مصروف رهيا، تقريباً 5 مهينن تائين پاڻ بغداد شريف ۾ پيرن جي پير، پير دستگير شيخ عبدُ القادر جيلاني يعني حُضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ به حاضر رهيا. (ہند کے راجہ ،صفحہ:70  بتغیر قلیل) خواجه