Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

(3): عُلما ۽ مشائخ کي محبت سان ڏسڻ

   پيارا اسلامي ڀائرو! 5 شين کي ڏسڻ عبادت آهي، انهن مان ٽئين شيءِ بيان ڪندي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: عالمن جي زيارت ڪرڻ به عبادت آهي.

  عظيم صحابيءِ رسول، سلطانُ المُفسرين حضرت عبدُ الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: اَلنَّظَرُ اِلَى الرَّجُلِ مِنْ اَهْلِ السُّنَّةِ الَّذِي يَدْعُو اِلَى السُّنَّةِ، وَيَنْهَى عَنِ الْبِدْعَةِ عِبَادَةٌ يعني صحيحُ العقيده سُني جيڪو سنّتن جي تبليغ ڪندو هجي ۽ بدعت کان روڪيندو هجي، ان مبلغِ سنّت کي ڏسڻ عبادت آهي.

 (الابانۃ، جلد:1، صفحہ:343 )

  اي عاشقانِ رسول! ٻڌو توهان! عالمِ دين جي زيارت ڪرڻ به عبادت آهي. اڄڪلھ ڪجھ نادان خاص ڪري جيڪي مغربي دنيا کان متاثر ۽ لبرل (Liberal) سوچ رکڻ وارا هوندا آهن، اجايو دل ۾ عالمن جي نفرت ويهاريندا آهن. الله پاڪ اسان کي عالمن سڳورن جي بي ادبي کان محفوظ فرمائي، عُلماءِ ڪرام انبياء جا وارث آهن انهن جي بي ادبي مَعَاذَاللہ! بُري خاتمي جو سبب به ٿي سگهي ٿي. ان ڪري عُلماءِ ڪرام جو هميشه ادب ئي ڪرڻ گهرجي، عالم سڳورا رهنما آهن، اسان کي انهن جي پيروي جو حڪم ڏنو ويو آهي، الله نه ڪري جيڪڏهن انهن کان ئي نفرت ڪرڻ لڳنداسين ته پيروي ڪنهن جي ڪنداسين؟ اسان کي سڌي واٽ ڪير ڏيکاريندو؟ قرآن ۽ حديث ڪنهن کان سکنداسين؟ دين جون ڳالهيون ڪٿان سمجهي سگهنداسين؟ ان ڪري اسان کي هميشه عُلماءِ ڪرام جو ادب ڪندو رهڻ گهرجي.

سارے سُنّی عالموں سے تُوبنا کر رکھ سدا              کر اَدب ہر ایک کا ،ہونا نہ تُو اُن سے جُدا

عُلما جي بي ادبي جو وبال

   خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اڳي دور ۾ هڪ ماڻهو هو، اهو عُلماء ۽ مشائخ کان وڏي نفرت ڪندو هو، انهن کي ڏسي سَڙندو هو ۽ منهن ڦيرائي ڇڏيندو هو، جڏهن مَري ويو ته ماڻهن ان جو منهن قبلي ڏانهن ڪرڻ چاهيو پر