Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

تي تو احسان ڪيو. (سيپارو: 1، سورة فاتحه: 5_6)

     جو ڄڻ مطلب ٿيندو: اي الله پاڪ! اسان کي ملائڪن واريون صفتون يعني اولياءِ ڪرام جي محبت، سندن محبت نصيب فرماءِ.

ملائڪن جون ڪجھ ادائون

   الله پاڪ اسان جي هن دعا کي قبول فرمائي، ملائڪ اولياءِ ڪرام سان ڪهڙي محبت ڪندا آهن، هي به ٻڌي وٺو! علّامه نَجۡمُ الدّين غَزِّي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: * ملائڪ الله جو ذڪر ڪرڻ وارن (الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن) سان همدردي رکندا آهن، ملائڪ انهن جي تعريف (Praise) ڪندا آهن * انهن جي متعلق سُٺو عقيدو رکندا آهن * الله پاڪ جي درٻار ۾ انهن جي نيڪ ڪمن جي گواهي ڏيندا آهن * انهن جي دعائن تي آمين چوندا آهن * اولياءِ ڪرام سان محبت رکندا آهن * انهن جي مجلس ۾ ويهندا آهن * سَفر (Travelling) ۽ اڪيلائي ۾ انهن سان گڏ رهندا آهن * ۽ جڏهن الله پاڪ جو ڪو نيڪ ٻانهو دنيا مان موڪلاڻي ڪري ويندو آهي ته ملائڪ ان تي غمگين ٿيندا آهن * انهن جي جنازي ۾ به شريڪ ٿيندا آهن * ۽ انهن جي مزارن جي زيارت جي لاءِ به تشريف وٺي ايندا آهن. (حُسْنُ التَّنْبِہ لِما وَرَدَ فی التَّشبِیہ،جلد:1، صفحہ:231 و334 و 344 و359 و376)

   سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن ملائڪ اولياءِ ڪرام سان محبت ڪن ٿا بلڪه صرف ملائڪ ئي نه، انهن ملائڪن جا آقا، اسان جا پيارا نبي، محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به اولياءِ ڪرام سان محبت فرمائيندا آهن بلڪ انهن جو ربُّ ڪريم، الله ربُّ العٰلمين به اولياءِ ڪرام سان محبت فرمائيندو آهي ته ٻڌايو! اسان پنهنجي آقا جا غلام، الله پاڪ جا عاجز ٻانها ڀلا ڇونه اولياءِ ڪرام سان محبت ڪنداسين. هائو! اسان ضرور اولياءِ ڪرام سان محبت ڪندا هئاسين، ڪندا آهيون ۽ اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! مرڻ گهڙيءَ تائين بلڪه قبر ۾ به انهيءَ محبت سان لهنداسين ۽ حشر ۾ به انهيءَ محبت سان اٿنداسين. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!!