Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

غريب نوازي فرمائيندي پنهنجي جڳھ تان اٿيا، پاڻي گهرائي بادشاھ جي منهن تي ڇنڊا هنيائون، ڪجھ ئي دير ۾ بادشاھ کي هوش اچي ويو، بَس هاڻي ڇا هو، هوش ۾ ايندي ئي بادشاھ نهايت عاجزي (Humility)  سان پنهنجي غلطيءَ جي معافي گهرڻ لڳو، پوءِ پنهنجي تمام خادمن سميت توبھ ڪري خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي غلامي ۾ داخل ٿي ويو.  (ہند کے راجہ ،صفحہ:74۔)

7 ڪافر مسلمان ٿي ويا

   هڪ ڀيري خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪافرن جي عبادت گاھ جي ويجهو کان گذري رهيا هئا، پاڻ ڏٺائون ته اتي 7 ڪافر ڪفر ۽ شرڪ ۾ مشغول هئا، جيئن ئي انهن خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي ڏٺو ته سندن دل جي دنيا بدلجي وئي، يڪدم ئي اهي سڀئي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي قدمن ۾ ڪِري پيا، ڪفر کان توبھ ڪيائون ۽ ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان ٿي ويا. خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سڀني جو نالو: حَمِيدُ الدّين رکيو. (مرآۃ الاسرار ،صفحہ:599 بتغیر قلیل)

   سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نگاھِ ولايت جو ڪمال...!! انهيءَ نگاھِ ولايت هند جي تقدير بدلائي ڇڏي، ڪفر ۽ شرڪ جو طوفان روڪي ايمان جو نور پکيڙي ڇڏيائين ۽ نهايت ڪريل معاشري کي بهترين ۽ مثالي معاشري (Ideal Society) ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

   ڪاش! اسان غريبن کي به خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نظرِ ڪرامت نصيب ٿي وڃي ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ٻيڙو پار ٿي وڃي. الله پاڪ اسان کي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو فيضان نصيب فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هڪ درس

   اي عاشقانِ خواجه غريب نواز! خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  درس به ڏيندا هئا.