Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

کان بيعت ٿي وڃن! ۽ جيڪڏهن پهريان ڪنهن جا مُريد آهن ته برڪت جي لاءِ بيعت ڪري وٺن! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو فيضان ملندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون.

آیا ہے میرے ہاتھوں میں عطّار کا دامن          عطّار کے ہاتھوں میں ہے سرکار کا دامن

ہُوں قادری عطاری نہ پوچھو مری نسبت  تھامے  ہوئے  ہُوں  حیدرِ  کرّار  کا  دامن

(مناقبِ عطّار ،صفحہ:58)

خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مختصر تعارف

   پيارا اسلامي ڀائرو! خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڇهين صدي هجري جي عظيم شخصيت (Dignified Personality) آهن * پاڻ 537 هجري تي سَجِسۡتان جي علائقي سَنۡجر ۾ پيدا ٿيا، انهيءَ نسبت سان کين سنجري چيو وڃي ٿو. (اِقْتِباسُ الْاَنْوار،صفحہ:345۔) * خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اسم گرامي ”حَسَن آهي۔ ۽ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مشهور ۽ معروف لقب مُعِينُ الدّين، خواجه غريب نواز، سُلطانُ الھِند، وارثُ النبي، ۽ عطاءِ رسول آهن۔ (فیضانِ خواجہ غریب نواز،صفحہ:3 بتغیر قلیل) * الحمد لله! اسان جا خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  نَجِيبُ الطَّرَفَين (يعني ماءُ پيءُ جي طرفان) حَسَني ۽ حُسيني سَيد آهن۔ 12 واسطن سان سندن نسبي سلسلو  مسلمانن جي ڇوٿين خليفي مولا علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه سان وڃي پهچي ٿو.  (مرآۃ الاسرار،صفحہ:592)۔

چراغِ انجمنِ اَوْلیا غریب نواز                                     امینِ سَطْوَتِ خیبر کُشَا غریب نواز

گُلِ حدیقۂ حسنین، نورِ چَشْمِ علی                                     فدائے سیرتِ خیر الوریٰ غریب نواز

مفهوم: اي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اوهان اولياءِ ڪرام جي محفل جا چراغ آهيو، اوهان خيبر فتح ڪرڻ واري مولاءِ ڪائنات، مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي شجاعت جا اَمين آهيو، اوهان امام حَسن ۽ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهما جي باغ جا گلَ ۽ حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اکين جا تارا آهيو ۽ مصطفٰي جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنّتن جا عاشق آهيو.

   پيارا اسلامي ڀائرو! خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه علمِ دين جا تمام وڏا عاشق هئا،