Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

خواجه صاحب جي نگاهِ  ولايت جو  ڪمال

   پيارا اسلامي ڀائرو! خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هي انقلاب آڻڻ جي لاءِ نهايت محنت ڪئي، پنهنجي ڪردار ۽ گفتار سان نيڪي جي دعوت ڏئي ڪري ماڻهن کي اسلام جي طرف مائل ڪيو، ان سان گڏوگڏ سندن هڪ ڪرامت هيءَ به هئي ته پاڻ جنهن فاسق ۽ گنھگار تي پنهنجي نگاھِ ولايت وجهندا هئا ته اهو توبھ ڪري نيڪ راھ تي اچي ويندو هو، پوءِ گناھن جي ويجهو به نه ويندو هو.                                                                                                                   

(تاریخِ مشائخِ چشت ،صفحہ:169)

حاڪِمِ سبزوار سڌري ويو

   منقول آهي: هڪ بادشاھ وڏو ظالم ۽ بدمزاج (Bad-tempered) هو، شهر جي ڀرسان سندس هڪ خوبصورت باغ هو، جنهن ۾ صاف سٿرو پاڻي جو حوض (Pool) هو. هڪ ڀيري خواجه غريب نواز، خواجه مُعينُ الدين چشتي اجميري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو اتان گذر ٿيو، خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان باغ جي اندر تشريف وٺي ويا، حوض جي پاڻي مان غسل فرمائي نماز ادا ڪيائون ۽ اتي ئي ويهي تلاوتِ قرآن ۾ مشغول ٿي ويا. ايتري ۾ بادشاھ جي اچڻ جو شور بلند ٿيو. خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان شور ڏي بلڪل به توجھ نه ڏني ۽ اطمينان سان تلاوت ۾ مصروف رهيا. جڏهن ظالم بادشاھ شان ۽ شوڪت سان باغ ۾ داخل ٿيو ته حوض جي ويجهو سادڙي لباس ۾ هڪ نيڪ صفت شخص کي ڏسي ڪاوڙ ۾ ڳاڙو لال ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ سپاهين کي چيائين، ان شخص کي ڪنهن منهنجي باغ ۾ ويهڻ جي اجازت (Permission) ڏني آهي؟ بادشاھ جي ڪاوڙ ڏسي سپاهي ڊڄي ويا، ان کان پهريان جو سپاهي جواب ڏين ها، خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  نگاھ مبارڪ کنئي، بادشاھ جي طرف ڏٺائون، بَس خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نظر پوڻ جي دير هئي جو بادشاھ ڏڪڻ لڳو ۽ ڏڪندي ڏڪندي زمين تي ڪِري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو. هاڻي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه