Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

جيان وڇائي ڪري مَنۡقَبَت پيش ڪري رهيا هئا، هن جملي اي خواجه! منهنجي جهولي ڀَر، اي خواجه! منهنجي جهولي ڀَر جو تڪرار ٿي رهيو هو ته ڪٿان تازي گلاب جو پَنُ اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي جهوليءَ ۾ اچي ڪِريو، پوءِ خوشيءَ جي عالَم ۾ هي آواز بلند ٿيو: خواجه منهنجي جهولي ڀَري ڇڏي، خواجه منهنجي جهولي ڀَري ڇڏي ايتري ۾ جانشينِ اميرِ اهلِ سنّت حاجي عبيد رضا عطاري مُدّظِلُّهُ العالي جن اهو پنُ پنهنجي پياري پياري بابا سائين جي چادر شريف مان کنيو ۽ مغرب کان بعد افطار جي وقت ان کي کائي ڇڏيو. الله ربُّ العزّت جي اميرِ اهلِ سنّت تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي. (کراماتِ خواجہ،صفحہ:11۔)  

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن     صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

   قبر جي عذاب مان ڇوٽڪارو

منقول آهي:  حضرت سيدنا خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي هڪ مريد جي جنازي ۾ تشريف فرما ٿيا، جنازي جي نماز پڙهائي پنهنجي مبارڪ هٿن سان قبر ۾ لاٿائون۔ حضرت سيدنا بختيار ڪاڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا؛ تدفين کان پوءِ تقريبًا سڀئي ماڻهو هليا ويا، پر حضور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  ان جي قبر جي ويجھو تشريف فرما رهيا۔ اوچتو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه يڪدم غمگين ٿي ويا، ٿوري دير کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن اَلۡحَمۡدُلِلهِ رَبِّ الۡعٰلَمِيۡنَ  چيائون ۽ مطمئن ٿي ويا۔ منهنجي پڇڻ تي فرمايائون؛ منهنجي ان مريد وٽ عذاب جا ملائڪ آيا هئا، جنهن جي ڪري مان پريشان ٿي ويس۔ ايتري ۾ منهنجا مرشد گرامي حضرت خواجه عثمان هاروني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  تشريف فرما ٿيا ۽ ملائڪن کي ان جي سفارش ڪندي فرمايو؛ اي ملائڪؤ! اهو ٻانهو منهنجي مريد معينُ الدّين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جو مريد آهي، انهيءَ کي ڇڏي ڏيو۔ ملائڪ چوڻ لڳا؛ ”اهو ڏاڍو گنهگار هو۔“ اڃا اها گفتگو ٿي رهي هئي ته غيب مان آواز آيو؛ ”اي ملائڪؤ! اسان عثمان هاروني جي صدقي معين الدّين چشتي جي مريد کي بخشي ڇڏيو۔“  ( خوفناک جادو گر، صفحہ:8۔)