Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

۽ روزانو تلاوتِ قرآن ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃو!

تلاوتِ قرآن جي فضيلت

 (1): پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: قرآن پڙهندا ڪيو! بيشڪ جيڪا دل قرآنِ ڪريم جي حافظ هجي، الله پاڪ ان دل کي عذاب ناهي ڏيندو. (جامع صغیر، صفحہ:83، حدیث:1340) (2): حضرت ابو سعيد خدري رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي محبوب نبي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله پاڪ فرمائي ٿو: جيڪو ٻانهو تلاوتِ قرآن ۽ منهنجي ذڪر ۾ مصروف هجڻ جي سبب مون کان گهري نه سگهي، مان ان کي گهرڻ وارن کان وڌيڪ افضل عطا فرمائيندو آهيان، وڌيڪ فرمايائون: جهڙي طرح الله پاڪ پنهنجي تمام مخلوق کان افضل آهي، ائين ئي الله پاڪ جو ڪلام به تمام ڪلامن کان افضل ۽ اعلٰي آهي. (ترمذی، کتاب فضائل القرآن، صفحہ:679، حدیث:2926) (3): مصطفٰي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَفْضَلُ عِبَادَۃِ اُمَّتِیْ قِرَاءَۃُ الْقُرْآنِ منهنجي امّت جي افضل عبادت تلاوتِ قرآنِ آهي.

  (شُعَبُ الْاِیْمان، باب:تعظیم قرآن، جلد:2، صفحہ:347، حدیث:2004 )

 

عبادت میں، ریاضت میں، تلاوت میں لگا دے دِل

رجب  کا  واسطہ  دیتا  ہوں  فرما  دے  کرم  مولی

                                 (وسائلِ بخشش،صفحہ:98-114-102)

خواجه غريب نواز ۽ معاشري جي اصلاح

   پيارا اسلامي ڀائرو! خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏي مرتبي وارا ڪامل ولي آهن، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هڪ خاص ڪارنامو هي آهي ته پاڻ هند ۾ تشريف آڻي ڪري هڪ انقلاب آندو. خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جڏهن هندستان ۾ آيا * اتي هر پاسي ڪفر ۽ شرڪ پکڙيل هو * جيتوڻيڪ مسلمان به اتي رهندا هئا، البت ڪفر جو غلبو هو * ماڻهو فرقن ۾ ورهايل هئا * رنگ ۽ نسل جو فرق