Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه دين جا وڏا خدمت گذار هئا، پاڻ تقريباً 90 لکَ ڪافرن کي ڪلمو پڙهائي دائره اسلام ۾ داخل ڪيائون، 96 سالن تائين دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، 6 رجبُ المُرجب، 627 هجري، سومر شريف جي ڏينهن، صبح فجر جي وقت مُريدَ انتظار ۾ هئا ته پيرو مُرشد تشريف وٺي ايندا، نمازِ فجر پڙهائيندا پر حُضور خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نه اچڻا هئا، نه آيا، ڪافي دير کان پوءِ حُجري جو دروازو کولي ڪري ڏٺائون ته سلطانُ الهند، خواجه غريب نواز، معينُ الدين حسن چشتي، سنجري، اجميري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وصال فرمائي چڪا هئا، ڏسڻ وارن هي ايمان افروز منظر پنهنجي اکين سان ڏٺو ته خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نوراني پيشانيءَ تي لکيل هو: حَبِیْبُ اللہ مَاتَ فِی حُبِّ اللہ يعني الله جو محبوب ٻانهو، محبتِ الهي ۾ وصال ڪري ويو. (ہند کے راجہ ،صفحہ:78  بتغیر قلیل۔) حضور خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزار مبارڪ هند جي مشهور شهر اجمير شريف ۾ آهي.

 (مرآۃ الاسرار،صفحہ:610 بتغیر قلیل)

خواجۂ ہند وہ دَربار ہے اعلیٰ تیرا

کبھی محروم نہیں مانگنے والا تیرا

پھر مجھے اپنا دَرِ پاک دِکھا دے پیارے

آنکھیں       پُرنور        ہوں       پھر        دیکھ       کے        جلوہ    تیرا

                                         (ذوقِ نعت،صفحہ:27-28 ملتقطًا)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جون عبادتون

   خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا خاص مُريد ۽ خليفا حضرت خواجه بختيار ڪاڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  فرمائن ٿا: حضرت خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام گهڻو مجاهدو (يعني الله پاڪ جي عبادت ۾ تمام گهڻي محنت) فرمائيندا هئا * پاڻ 7 ڏينهن ۾ 5