Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

ان جو منهن قبلي ڏانهن نه ٿي سگهيو، غيب مان آواز آيو: ڇو ٿا تڪليف ڏيو، هي دنيا ۾ عُلماء ۽ مشائخ کي ڏسي منهن ڦيري ڇڏيندو هو، اسان هن کان پنهنجي رحمت ڦيري ورتي آهي.

( ہشت بہشت، دلیل العارفین ،صفحہ:21 بتغیر قلیل۔)

آج بنتا ہوں   مُعزَّز جو کھلے حشر میں   عیب                                                            آہ! رُسوائی کی آفت میں   پھنسوں   گا یارب!

گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہوگی                                                                                 ہائے! میں   نارِجہنَّم میں   جلوں   گا یارب!

عَفوکر اور سدا کے لئے راضی ہوجا                                                                                 گر کرم کر دے تو جنّت میں   رہوں  گا یارب!

(4): خانهءِ ڪعبه کي ڏسڻ

   خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمايو: ڪعبي شريف جي زيارت ڪرڻ به عبادت آهي. (ہشت بہشت، دلیل العارفین ،صفحہ:21 ۔)

ڪعبي شريف کي ڏسڻ جا فضائل

   (1): پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مڪي پاڪ جي مسجد (يعني مسجدُ الحرام) وارن تي هر روز الله پاڪ جون 120 رحمتون نازل ٿينديون آهن انهن مان 60 طواف ڪرڻ وارن تي، 40 نمازين تي ۽ 20 خانهءِ ڪعبه جي زيارت ڪرڻ وارن تي. (معجمِ اوسط،جلد:4 ،صفحہ:381 ،حدیث:6314) (2): پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن شخص ايمان جي بنا تي، ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ بيتُ الله جي طرف ڏٺو ان جا اڳيان ۽ پٺيان گناھ معاف ڪيا ويندا ۽ قيامت جي ڏينهن ان کي امن وارن ماڻهن ۾ اٿاريو ويندو.  (فضائلِ مکہ و السکن فیہا،صفحہ:23۔)

دیدے طوافِ خانۂ کعبہ کا پِھر شرف               فرما یہ پُورا مُدّعا یارَبِّ مصطفےٰ

رُخ سُوئے کعبہ ہاتھ میں زم زم کا جام ہو            پی کر میں پِھر کروں دُعا یارَبِّ مصطفےٰ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد