Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

امام نه هوندو ته ان جو امام شيطان هوندو. هن آيت ۾ بيعت جو ثبوت آهي.

                                                    (تفسیر نورُ العرفان،پارہ:15 ،سورۂ بنی اسرائیل،زیرِ آیت:71،صفحہ:797 ملتقطًا)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

نيڪ ٻانهي جا هٿ چمڻ جي برڪت

 خواجه غريب نواز جي خليفي حضرتِ بختيار ڪاڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مُريد بابا فريدُ الدين مسعود گنج شڪر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائي ٿو: الله پاڪ جو هڪ نيڪ ٻانهو هو، ان جي وفات کان بعد ۾ ڪنهن ان کي خواب ۾ ڏسي ڪري پڇيو: الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ ان نيڪ ٻانهي چيو: مون جيڪي به عمل دنيا ۾ ڪيا هئا، سڀ مون کي ڏيکاريا ويا (هاءِ افسوس! انهن مان ڪا نيڪي بارگاھِ الٰهي ۾ قبوليت جي لائق نه هئي، جيئن ته) ملائڪن کي حڪم ٿيو: هن کي دوزخ ۾ وٺي وڃو! اڃان ملائڪ مون کي دوزخ جي طرف وٺي وڃڻ وارا ئي هئا ته ٻيهر حڪم ٿيو: فلاڻي ڏينهن هن دِمشق جي جامع مسجد ۾ حاجي شريف رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جا هٿ چُميا هئا، ان جي برڪت سان هن کي معاف ڪيو ويو آهي. (اسرار الاولیاء، صفحہ:207خلاصۃً۔)

سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن سان هٿ ملائڻ، سندن مبارڪ هٿ چمڻ جي اهڙي برڪت آهي ته اندازو لڳايو! انهن جي هٿ ۾ هٿ ڏيڻ (يعني انهن جو مُريد بڻجي ڪري انهن سان نسبت مضبوط ڪري وٺڻ) جون ڪيتريون برڪتون ملنديون. ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان ڪنهن باشرع، جامع شرائط پيرَ جا مُريد بڻجي وڃون.

   الحمدلله! عاشقِ اولياء، عاشقِ خواجه و رضا شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ باشرع ۽ جامع شرائط پِيرَ آهن، پاڻ پيرانِ پير، حُضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي سلسلي ۾ مُريد بڻائيندا آهن. منهنجو مشورو آهي ته جيڪي اڃان تائين ڪنهن به پير صاحب جا مُريد نه آهن ٿيا، اهي وقت جي ڪامل ولي، ڪامل پير، شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ