Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

(5): پنهنجي پِيرَ کي ڏسڻ

   پيارا اسلامي ڀائرو! خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي درس کي اڳتي وڌائيندي فرمايو: پنهنجي ڪامل پِيرَ کي ڏسڻ، ان جي خدمت ڪرڻ به عبادت آهي. (ہشت بہشت، دلیل العارفین ،صفحہ:22)

   وڌيڪ فرمايائون: مُريد تي لازم آهي ته جيڪو ڪجھ پير جي زبان مان ٻڌي ان تي وڏي ڪوشش (Efforts) سان عمل ڪري، پير جي خدمت ڪري ۽ جيترو ٿي سگهي انهن جي بارگاھ ۾ حاضري ڏيندو ڪري. (ہشت بہشت، دلیل العارفین ،صفحہ:22۔) شيخ سلطان باهو رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:

اے تَن میرا چشماں ہووَے، تے میں مُرشد ویکھ نہ رَجَّاں ہُو

لُوں ، لُوں دے مُڈ لکھ لکھ چشماں ، ہِک کھولاں تے ہِک کَجاں ہُو

اِتنا ڈِٹِّھیاں صبر ناں آوے ، میں ہور کِتے ول بَھجّاں ہُو

مُرشد دا دیدار ہے باہوؔ، مَینوں لکھ کروڑاں حجّاں ہُو

وضاحت: حضرت سلطان باهو رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي هنن شعرن جو خلاصو هي آهي ته هي سڄو جسم اک بڻجي وڃي ۽ مان سڄي جسم سان پنهنجي پير ۽ مُرشد جو ديدار ڪيان پوءِ به دل نه ڀرجندي. جسم جي هر هر وارَ تي لکين اکيون به لڳل هجن ۽ هڪ اک بند ڪيان ۽ هڪ کوليان پوءِ به دل نه ڀَرجي. ايترو ڏسڻ باوجود به جيڪڏهن صبر نه اچي ته مان ڪيڏانهن وڃان. مُرشد جو ديدار منهنجي لاءِ لکين ڪروڙين حج ڪرڻ جهڙو آهي.

   الله پاڪ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تي ڪروڙين رحمتون نازل فرمائي ۽ انهن جي صدقي اسان کي آخرت جو فڪر، خوفِ خدا، جهنّم کان بچڻ ۽ جنّت حاصل ڪرڻ جو شوق ۽ قبر ۽ آخرت جي تياري جي توفيق نصيب فرمائي، پير ۽ مُرشد جو منظورِ نظر بڻائي. ڪاش! دنيا جي تمام غمن کان نجات مِلي ۽ صرف ۽ صرف مديني پاڪ جو غم نصيب ٿي وڃي.