Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

  سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ جون ڪهڙيون ڪرم نوازيون آهن، والدين کي پيار ڀَري نظر سان ڏسون، ته ربِّ ڪائنات حجِ مقبول جو ثواب عطا فرمائيندو آهي. الحمد لله! والدين وڏي نعمت آهن، انهن کي پيار ڀري نظر سان ڏسڻ جي عادت  (Habit) بڻايو! اسان هيءَ روايت ڪيئي ڀيرا ٻڌي هوندي پر غفلت ٿي ويندي آهي، اڄ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نصيحت کي قبول ڪندي هي ذهن  (Mindset) بڻايو ته روزانو ياد ڪري، هن حديث شريف کي ذهن ۾ رکي ڪري، سُٺي نيّت سان گهڻو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو والدين کي رحمت ڀَري نظر سان ڏسنداسين.  اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!

(2): قرآنِ ڪريم کي ڏسڻ

   پيارا اسلامي ڀائرو! ٻي شيءِ جنهن کي ڏسڻ عبادت آهي، ان جو ذڪر ڪندي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: قرآنِ ڪريم کي ڏسڻ عبادت آهي. جيڪو ٻانهو ڪلامُ الله (يعني قرآنِ ڪريم) جي طرف ڏسندو ۽ ان جي تلاوت ڪندو آهي ته ان کي ٻه ڀيرا ثواب ڏنو ويندو آهي، هڪ قرآنِ ڪريم پڙهڻ جو ۽ ٻيو قرآنِ ڪريم کي ڏسڻ جو. (ہشت بہشت، دلیل العارفین ،صفحہ:20۔)

قرآنِ ڪريم کي ڏسڻ جون 3 برڪتون

   خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمايو: جيڪو شخص قرآنِ ڪريم کي ڏسندو آهي * الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان ان جي اکين جي روشني (Eyesight) وڌي ويندي آهي ۽ ان جي اک ۾ ڪڏهن سور ناهي ٿيندو * نه خشڪ ٿيندي آهي.

   هڪ ڀيري هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تشريف فرما هئا، سامهون قرآنِ ڪريم رکيل هو، ايتري ۾ هڪ نابين (Blind) شخص حاضر ٿيو، ان عرض ڪيو: مون ڏاڍو علاج (Treatment) ڪرايو آهي پر منهنجون اکيون ٺيڪ نه ٿيون ٿين، اوهان