Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

سرکارِ مدینہ کے نائِب ہیں میرے خواجہ             اجمیر کی گلیوں میں طیبہ کا نظارہ ہے

خواجہ ذرا دیکھو تو کیا حال ہمارا ہے                      ٹوٹی ہوئی کشتی ہے اور دُور کِنَارہ ہے

   اچو! محبتِ خواجه غريب نواز ۾ سرشار ٿي ڪري   سندن عظمت ۾ نعرا هڻون ٿا: جيڪي اميرِ اهلِ سنّت مُرتب فرمايا آهن:

خواجۂ خواجگاں!             غریب  نواز ، غریب  نواز        قبلۂ عارِفاں!                   غریب  نواز ، غریب  نواز

مُرشِدِ ناقِصاں!              غریب  نواز ، غریب  نواز        رہبرِ کامِلاں!                   غریب  نواز ، غریب  نواز

ہادیِ گمرہاں!                 غریب  نواز ، غریب  نواز        مُصْلحِ عاصیاں!                غریب  نواز ، غریب  نواز

حامیِ بے بَساں!           غریب  نواز ، غریب  نواز        ہیں کسِ بے کساں !        غریب  نواز ، غریب  نواز

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پِيرُ بڻائڻ جي فضيلت

  پيارا اسلامي ڀائرو! خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي واقعي مان خبر پئي: اسان کي به ڪنهن ڪامِل پِيرَ جو مُريد ٿي وڃڻ سان ٻيون کوڙ فضيلتون ۽ برڪتون ملڻ سان گڏ سندن برڪت سان عذابِ قبر کان نجات ملڻ جي به اميد آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

یَوۡمَ نَدۡعُوۡا کُلَّ اُنَاسٍۭ بِاِمَامِہِمۡ ۚ

 ترجمو ڪنزالعرفان: ياد ڪيو جنهن ڏينهن اسان هر جماعت کي ان جي امام سان گڏ سڏينداسين.

(سيپارو: 15، سورة بني اسرائيل: 71)

     مشهور مفسّرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  تفسيرِ نورُ العرفان ۾ هن آيت جي حوالي سان لکن ٿا: هن مان معلوم ٿيو ته دنيا ۾ ڪنهن صالح (مثال طور جامع شرائط ڪامل پير) کي پنهنجو امام بڻائي وٺڻ گهرجي ته جيئن حشر سُٺن سان ٿئي، جيڪڏهن صالح (مثال طور ڪو ڪامل پير)