Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

انداز اهڙو ته پيارو هو جو مان فوراً هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ تيار ٿي ويس، پوءِ جلد ئي اسلامي ڀائرن سان ملي ڪري عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه جي فضائن ۾ پهچي ويس، اتي سنّتن ڀريو بيان ٻڌو، ذِڪرُ الله ۾ مصروف رهيس، پوءِ رقَّت انگيز دعا ٿي. الحمدلله! دعوت اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۽ عاشقان رسول جي صحبت جو مون تي اهڙو اثر (Effect) ٿيو جو مون دعا جي دوران روئي روئي پنهنجي گناهن کان توبھ ڪئي ۽ آينده زندگي نيڪين ۾ گذارڻ جي پڪي نيّت ڪري ورتي، مون تي هڪ عجيب خمار هو اجتماع کان واپسي کان بعد مون نمازن جي پابندي شروع ڪري ڇڏي ۽ نيڪين ڀري زندگي گذارڻ ۾ مصروف ٿي ويس.

اسی ماحول نے ادنیٰ کواعلیٰ کر دیا دیکھو!                  اندھیرا ہی اندھیرا تھا اُجالا کر دیا دیکھو!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قرآن ۽ تفسير ايپليڪيشن

  اي عاشقانِ رسول! الحمد لله! دعوتِ اسلامي اسان کي موبائل ذريعي به علمِ دين سکڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جا موقعا ڏئي رهي آهي. دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان مختلف موبائل ايپليڪيشنز جاري ٿي چڪيون آهي، انهن مان هڪ ايپلي ڪيشن جنهن جو نالو آهي: Quran with Tafseer (قرآن مع تفسير). هي ايپلي ڪيشن Android  ۽ IOS ٻنهي طرح جي ڊيوائسز تان ڊائون لوڊ ڪري استعمال ڪري سگهجي ٿي، هن ايپلي ڪيشن ۾ * مڪمل قرآنِ ڪريم * اعلٰي حضرت امامِ اهلِ سنّت، شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو لکيل ترجمو ڪنز الايمان * جديد دور جي تَقاضن جي مطابق نهايت آسان ترجمو، ترجمو ڪنزُ العرفان ۽ * آسان انداز ۾ لکيل اُردو جي سڀني کان جديد (Latest) تفسير تفسير صراطُ الجنان شامل آهي.