Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

مثقال (تقريباً 21 گرام) ماني پاڻيءَ ۾ پُسائي ڪري کائيندا هئا * پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جو لباس مبارڪ 2 چادرون هيو، جنهن ۾ چَتِيون (Patches) لڳل هونديون هيون * جتي به ويندا هئا اڪثر قبرستان (يا ڪنهن بزرگ جي مزار تي) رهائش فرمائيندا هئا * جنهن جڳھ سندن شهرت (Popularity) ٿي ويندي، ان شهر کي ڇڏي ڏيندا هئا (آخر رسولِ پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪم سان اجمير شريف تشريف وٺي آيا ۽ آخر تائين اتي رهيا) * خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هند ۾ تشريف وٺي آيا جيتوڻيڪ ان وقت اهو علائقو ڪفرستان هو (يعني ڪفر ۽ شرڪ سان ڀريل هو، اتان جو حاڪم به ڪافر ۽ مشرڪ هو) ان جي باوجود خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جا خادِمَ 5 وقت اذان ڏيندا  هئا ۽ نمازِ باجماعت پوري اهتمام سان ادا ڪئي ويندي هئي.   (مرآۃ الاسرار، صفحہ:595تا  598 خلاصۃً۔)

اسان تنهنجو ختمِ قرآن قبول ڪيو

 اي عاشقانِ اولياء! خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  حافظِ قرآن هئا، پاڻ هر ڏينهن رات ۾ 2 ڀيرا قرآن ختم فرمائيندا هئا ۽ هر ختمِ قرآن تي غيب مان آواز ايندو هو: اي معينُ الدين! اسان تنهنجو ختمِ قرآن قبول ڪيو. (سير الاقطاب ،صفحہ:101)

   اي عاشقانِ رسول خواجه غريب نواز! ڏٺو توهان اسان جا آقا، هند جا راجا، خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جو عبادت ۽ رياضت خاص طور تلاوتِ قرآن سان ڪيترو لڳاءُ هو.

   الله اڪبر! اسان جا آقا، هند جا راجا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ته روزانو 2 ڀيرا ختمِ قرآن ڪن ۽ اسان عاشقانِ خواجه کان پوري مهيني ۾ بلڪه سڄي سال ۾ هڪ ڀيرو به قرآنِ ڪريم ختم نه ٿئي؟ هي ڪهڙو عشق ۽ ڪهڙي محبت آهي؟ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جي نقشِ قدم تي هلندي روزانو تلاوتِ قرآن ڪريم جو معمول بڻائڻ جي ڪوشش ڪيو ۽ ان جون برڪتون حاصل ڪيو، گهر ۾ تلاوتِ قرآن ٿيندي رهندي ته رحمتن جو نُزول ٿيندو ۽ بلائون، آفتون (Calamities) دور ٿينديون. تلاوتِ قرآن جو شوق ماڻڻ جي لاءِ 3 فرامينِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو