Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع

 پيارا اسلامي ڀائرو! محبتِ اولياء ماڻڻ، فيضانِ خواجه و رضا سان دامن ڀرڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ ۽ گناھن کان بچڻ جو ذهن حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته (Linkup) ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصّو وٺو!ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع به آهي. اچو! هفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت (Participation) ڪرڻ جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

گناهن ڀري زندگي بدلجي وئي

 ڪراچي (سنڌ، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: دعوت اسلامي جي ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان گناهن ڀري زندگي گذاري رهيو هيس، دنياوي لذّتن ۾ مصروف رهڻ منهنجي عادت هئي، بُرن دوستن جي صحبت (Company) مون کي اڃان بگاڙي ڇڏيو هو، دوستن سان ملي ڪري سڄي رات گناهن جو سلسلو جاري رهندو هو، هڪ ڀيري هڪ اسلامي ڀاء مون کي مغرب جي وقت نماز جي دعوت ڏني، خبر ناهي ان جي دعوت ۾ ڪهڙو اثر هو جو مان به ان سان مسجد ڏي هلي پيس، مغرب جي نماز پڙهي، نماز کان پوءِ هڪ اسلامي ڀاءَ فيضان سنّت مان درس ڏنو، درس کان فوراً بعد اسلامي ڀائرن هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ وڃڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون. هڪ اسلامي ڀاء مون کي به اجتماع ۾ شرڪت جي ترغيب ڏياري، انهن جو