Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

خُدا تجھ سے تیری وِلا مانگتا ہوں                         میں عشقِ شہِ انبیا مانگتا ہوں

صَحابہ کی اور اولیا کی مَحَبّت       کی   خیرات   تجھ   سے   خُدا   مانگتا   ہوں

(وسائلِ فِردُوس،صفحہ:1ملتقطًا)

اميرِ اهلِ سنّت جي خواجه غريب نواز سان محبت

   شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ به الحمد لله! عاشقِ اولياء آهن، خاص طور غوثِ پاڪ، شيخ عبدُالقادر جيلاني، خواجه غريب نواز ۽ اعلٰي حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان محبت ته ڄڻ سندن رڳ رڳ ۾ سمايل آهي، پاڻ هر سال خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ياد ۾ رجبُ المُرجب جي پهرين تاريخ کان وٺي 6 رجبُ المُرجب تائين روزانو مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ان مدني مذاڪري کان پهريان جلوسِ غريب نواز جو به اهتمام ٿيندو آهي، پاڻ 2 ڀيرا اجمير شريف خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزار شريف تي حاضري جو شرف حاصل ڪيائون، 1998ء ۾ شعبانُ المُعظم جي مبارڪ مهيني ۾ نفلي روزا رکي ڪري پنهنجي جانشين صاحبزادي حاجي عبيد رضا عطاري مدني مَدّظِلُّهُ العالي ۽ ڪيئي عاشقانِ خواجه سان گڏ فجر کان بعد خواجه غريب نواز جي مزار تي حاضر ٿيا، عاشقِ خواجه اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اجمير شريف پهچي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي شان ۾ هڪ مَنۡقَبَتۡ لکيائون جنهن جو پهريون شعر هي آهي:

میں ہوں سائل، میں ہوں منگتا                        یاخواجہ! مِری جھولی بھر دو

ہاتھ بڑھا کر ڈال دو ٹکڑا           یا خواجہ!     مِری    جھولی    بھر    دو

(وسائلِ بخشش،صفحہ:568۔)

   اميرِ اهلِ سنّت درٻارِ غريب نواز تي سنگِ مَرمَر (Marble) جي ڄارين مبارڪ جي طرف ادب سان بيٺي بيٺي غالِباً پنهنجي چادر شريف کي جهوليءَ