Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون  

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                             صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ ڇٽي شريف (يعني رجبُ المُرجب جي ڇهين رات آهي) ۽ الحمد لله! هتي اسان الله پاڪ جي محبوب ٻانهي، ڪامل ولي، اسان جي آقا، هند جي راجا، نائبِ رسول حضرت خواجه مُعينُ الدين حسن سنجري چشتي اجميري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو ذڪرِ خير ڪرڻ، ٻڌڻ جي لاءِ حاضر ٿيا آهيون. هي الله پاڪ جو وڏو فضل آهي جو ان اسان گنھگارن کي پنهنجي پيارن جي محبت نصيب فرمائي ۽ ادب ۽ محبت سان سندن ذڪرِ خير ڪرڻ، ٻڌڻ جي سعادت بخشي آهي. الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جو ذڪر ڪا عام ڳالھ ناهي، منقول آهي: عِنْدَ ‌ذِكْرِ ‌الصَّالِحِينَ تَنْزِلُ الرَّحْمَةُ يعني نيڪ ماڻهن جي ذڪر جي وقت رحمت نازل ٿيندي آهي. (کشف الخفاء، جلد:2، صفحہ:65، رقم:1770۔)

ولين سان محبت جا فضائل


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔