Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

اچو! خواجه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هڪ درس ٻڌون ٿا:

     5  شين جي طرف ڏسڻ عبادت آهي

   خواجه بختيار ڪاڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: سومر شريف جو ڏينهن هو، مان خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس: ان وقت شيخ محمد اَوۡحَد چشتي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ ٻيا بزرگ حاضر هئا، خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه درس ڏيندي فرمايو: 5 شين کي ڏسڻ عبادت ۾ داخل آهي:

(1): والدين کي ڏسڻ عبادت آهي

   انهن مان پهرين هي آهي ته پنهنجي والدين جي چهري کي محبت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي. (ہشت بہشت، دلیل العارفین ،صفحہ:19) حديث شريف ۾ آهي: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن اولاد پنهنجي والدين جي طرف رحمت جي نظر ڪندو (آهي) ته الله پاڪ ان جي لاءِ هر نظر جي بدلي حجِ مبرور (يعني مقبول حج) جو ثواب لکندو آهي. صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم عرض ڪيو: جيتوڻيڪ ڏينهن ۾ 100 ڀيرا نظر ڪري؟ فرمايائون: نَعَمْ، اللہ اَکْبَرُ وَ اَطْیَبُ يعني ها! الله پاڪ سڀني کان وڏو ۽ اَطۡيَبۡ (يعني سڀني کان وڌيڪ پاڪ) آهي. (شُعَبُ الایمان،جلد:6،صفحہ:186 ،حدیث:7856۔)

اَمڙ جي دعا جو اثر

   خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمايو: هڪ فاسق ۽ بدڪار شخص هو، جڏهن هو فوت ٿي ويو ته ڪنهن ان کي خواب ۾ ڏٺو حاجن سان گڏ جنّت ۾ گهمي رهيو آهي، خواب ڏسڻ واري کي حيرت ٿي، ان جنّت ۾ پڄڻ جو سبب پڇيو ته ان خوش نصيب جنّتيء چيو: منهنجي امڙ پوڙهي هئي، مان جڏهن به گهران نڪرندو هيس ته سندن قدمن تي مٿو رکندو هيس، امڙ مون کي دعائون ڏيندي هئي: الله پاڪ توکي بخشي ۽ حج جو ثواب نصيب ڪري، الله پاڪ منهنجي امڙ جي دعا قبول ڪري ورتي ۽ مون کي بخشي ڇڏيو، هاڻي مان حاجن سان گڏ جنّت ۾ آهيان.

 (ہشت بہشت، دلیل العارفین ،صفحہ:20۔)