Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

توهان ڪٿي به هجو، هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان قرآنِ ڪريم ترجمو ۽ تفسير سان گڏ پڙهي ڪري آساني سان سمجهي به سگهو ٿا ۽ گڏوگڏ قرآني آيتن کي، ترجمي ۽ تفسير کي واٽس ايپ (Whats App)، فيس بُڪ (Facebook) وغيره تي پنهنجي دوستن سان شيئر به ڪري سگهو ٿا. هن ايپلي ڪيشن کي پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو! علمِ دين سکو ۽ ٻين تائين پهچائي ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ڪمايو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

رَجبُ المُرجب جي روزن جا فضائل

 پيارا اسلامي ڀائرو! رجبُ المُرجب جو مبارڪ مهينو هلي رهيو آهي اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! جلدئي رحمتن ڀريو مبارڪ مهينو رمضانُ المبارڪ جلواگَر ٿيندو.

عَجِّل عَجِّل یارمضان                              جلدی جلدی آ رمضان

 الله پاڪ اسان کي ماھِ رمضانُ المبارڪ جون بابرڪت گهڙيون نصيب فرمائي، رجبُ المُرجب به نيڪين جو مهينو آهي، الله پاڪ جي فضل سان عاشقانِ رسول هن مبارڪ مهيني ۾ به خوب نفل روزا رکندا ۽ نيڪين جو ذخيرو گڏ ڪندا آهن.

رجب جي روزن جا فضائل

   (1): پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: رجب جي پهرين ڏينهن جو روزو 3 سالن جو ڪفارو آهي ۽ ٻئي ڏينهن جو روزو 2 سالن جو ۽ ٽئين ڏينهن جو 1 سال جو ڪفارو آهي، پوءِ هر ڏينهن جو روزو هڪ مهيني جو ڪفارو آهي. (جامع غیر،صفحہ:311،حدیث:5051۔) (2): حضرت ابو قِلابه رَضِىَ اللهُ عَنْه  فرمائن ٿا: رجب جي روزيدارن جي لاءِ جنّت ۾ هڪ محل آهي.

(شُعَبُ الایمان،جلد:3 ،صفحہ:368 ،حدیث:3802۔ )