Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

ٺهنديون؟ لکين حافظ ڪيئن تيار ٿيندا؟ هزارين عالم، 80 کان وڌيڪ ديني شعبا ڪيئن ڪم ڪري سگهندا؟ الحمدلله! دعوت اسلامي دين جي خدمت ڪري رهي آهي، دعوت اسلامي مسجد بڻايو تحريڪ به آهي، دعوتِ اسلامي مسجد ڀَريو تحريڪ به آهي، ۽ الله پاڪ جي فضل سان دعوتِ اسلامي ايمان بچايو تحريڪ به آهي. دعوتِ اسلامي اسان جي نسلن کي بچائي رهي آهي، دعوت اسلامي اسان جي ايمان جي حفاظت ڪري رهي آهي. گهر گهر ۾ نيڪي جي دعوت پهچائي ڪري گهر امن جو گهوارو بڻائي رهي آهي. اسان دعوت اسلامي جو ساٿ ڏينداسين ته اِنْ شآءَ اللہ الْکَرِیْم ! هن جو فائدو اسان کي، اسان جي نسل کي ئي ٿيندو. لهٰذا همت ڪيو! دل کولي راھِ خدا ۾ خرچ ڪيو! دعوت اسلامي جو ساٿ ڏيو! الله پاڪ چاهيو ته دين ۽ دنيا جون برڪتون نصيب ٿينديون. الله پاڪ اسان کي دين جي خدمت ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

 آمین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم

دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم، سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم

اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ یااللہ! مری جھولی بھر دے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

مزاراتِ اوليا تي حاضري جا آداب

   اي عاشقانِ رسول! * اولياءِ ڪرام  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم جي مزارن تي حاضري ڏيڻ ۽ انهن کان فيض وٺڻ بزرگن جو معمول رهيو آهي، امام جلالُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون کي جڏهن به ڪو معاملو پيش ايندو آهي، مان امام موسٰي ڪاظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزار تي حاضر ٿي انهن جو وسيلو پيش ڪندو آهيان. الله پاڪ منهنجي مشڪل آسان فرمائي ڇڏيندو آهي. امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون کي جڏهن ڪا حاجت پيش ايندي آهي، ٻه رڪعتون نماز ادا ڪري امام ابو