Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

دَم ڪيو! انهن بزرگن رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه قبلي ڏانهن رخ ڪيو، فاتحه شريف پڙهي، پوءِ قرآنِ ڪريم کڻي ڪري ان جي ٻنهي اکين تي لڳايو، بَس قرآنِ ڪريم اکين تي لڳڻ جي دير هئي، ان جي برڪت سان ان جون ٻئي اکيون روشن ٿي ويون. (ہشت بہشت، دلیل العارفین ،صفحہ:21۔)

عزّت جي نگاه سان ڏسڻ جي برڪت

   انهيءَ ضمن ۾ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ ٻيو واقعو بيان ڪندي فرمايو: هڪ نهايت گنھگار شخص هو، سندس گناھن جي ڪري ماڻهو ان کان نفرت ڪندا هئا، سمجهائڻ وارا ان کي ڏاڍو سمجهائيندا هئا پر اهو گناھ نه ڇڏيندو هو، آخر اهو انهيءَ حالت ۾ گذاري ويو، مرڻ کان بعد ان کي ڪنهن خواب ۾ ڏٺو ته مٿي تي تاج سجائي، جنّتي لباس پائي ملائڪن سان گڏ جنّت جي طرف وڃي رهيو آهي. خواب ڏسڻ واري پڇيو: تون ته وڏو گنھگار هئين، هي سعادت ڪيئن نصيب ٿي؟ جواب ڏنائين: دنيا ۾ مون هڪ نيڪي ڪئي هُئي، اها هيءَ ته مان جتي به قرآنِ ڪريم ڏسندو هيس، بيهي ڪري وڏي عزّت جي نگاھن سان ان کي ڏسندو هيس، بَس انهيءَ نيڪي جي برڪت سان الله پاڪ مون کي بخشي ڇڏيو. (ہشت بہشت، دلیل العارفین ،صفحہ:21۔)

سُبْحٰنَ اللہ!! الله پاڪ جي پاڪيزه ڪلام قرآنِ ڪريم جو ڇا شان آهي...!! ڪاش! اسان ان عظيمُ الشّان ڪتاب قرآنِ ڪريم جو قدر ڪيون، قرآنِ ڪريم کي ڏسڻ به عبادت آهي، ان کي هٿ لائڻ به عبادت آهي، ان کي پڙهڻ به عبادت آهي ۽ سبحان الله! ڪهڙي عبادت آهي؟ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: قرآنِ ڪريم جو هڪ اکر پڙهڻ تي 10 نيڪيون ملنديون آهن.

 (مسندِ رویانی،جلد:1 ،صفحہ:397 ،حدیث:605۔)

   هڪ حديث شريف ۾ آهي: اَفْضَلُ عِبَادَۃِ اُمَّتِیْ قِرَاءَۃُ الْقُرْآنِ منهنجي امّت جي افضل عبادت تلاوتِ قرآنِ آهي. ( شُعَبُ الْاِیْمان، باب:تعظیم قرآن، جلد:2، صفحہ:347، حدیث:2004 ۔)

تلاوتِ قرآن ڪرڻ واري جي قبر ڪشادھ  ڪئي ويندي آهي